23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: حيدرآباد : ڀيل انٽيلئڪچوئل فورم جو اقليتن جا فنڊ هڙپ ڪرڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ڀيل انٽيلئڪچوئل فورم طرفان اقليتن جا فنڊ هڙپ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن نريش مهاراج، ڪيلاش ڪمار، ايشور باگڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اقليت جي نالي تي ايندڙ فنڊ چونڊيل نمائندا هڙپ ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته تازو اقليتي شاگردن جي لاءِ آيل اسڪالرشپون ۽ بي سهارن لاءِ ميڊيڪل ٽريٽمينٽ ۽ غريب نياڻين جي ڏاج لاءِ آيل رقم اقليتي وزير پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا آهن.

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته هڙپ ڪيل فنڊن جي جاچ ڪرائي، اقليتي غريبن کي سڌي طرح پنهنجا حق ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| عادلپور: پلاٽ جي قبضي واري معاملي تي جاري ڇڪتاڻ ڪٿي دنگ ڪيو:ڄاڻي ٿيندا حيران

عادلپور ويجهو هاءِ اسڪول لاکو لنجاري جي  گرائونڊ تي مبينا قبضي واري معاملي تي جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے