16 جمعہ , نومبر 2018

ايشوريا راءِ جي ڌي سان گڏ ڪانز فلم فيسٽيول ۾ انٽري

Initiative with Ashish commentary in Kaysh Film Festivalپيرس(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ادڪارا ۽ اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن هڪ دفعو ٻيهر ڌي اراڌهيا سان گڏ ڪانز فلم فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي.فرانس جي شهر ڪانز ۾ جاري فلمي ميلي ۾ ايشوريا راءِ ڀارت لورئيول ميڪ اپ برانڊ جي نمائندگي ڪري رهي آهي.گذريل سال به ايشوريا راءِ پنهنجي نياڻي اراڌهيا سان گڏ فلمي ميلي ۾ شرڪت ڪئي، هن ڀيري ريڊ ڪارپيٽ تي جوهر ڏيکارڻ لاءِ ايشوريا ڌي سان گڏ ريڊ ڪارپيٽ تي واڪ ڪيو ۽ واڪ ڪندي ڪندي پنهنجي شهزادي کي پڻ ڪانز جي ريڊ ڪارپيٽ تي واڪ ڪرايو.ايشوريا راءِ  اراڌهيا سان گڏ مختلف انداز ۾ تصويرون ڪڍرائيون جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.مائرن جي عالمي ڏينهن تي ايشوريا راءِپنهنجي والده ۽ ڌي سان گڏ نڪتل تصوير پڻ انسٽاگرام تي شيئر ڪئي.ياد رهي ته ايشوريا راءِ ڪانز ريڊ ڪارپيٽ تي هن سال به فيشن جي مختلف اندازن ۾ جوهري ڏيکاريا سندس فيشن تمام گهڻي ساراهه ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deepika Padukone’s engagement ring is as lavish as her wedding. See pics

رنوير طرفان پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ڏنل پهرين تحفي جا چرچا

ممبئي ( شوبز نيوز ) رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا پڊڪون کي قيمتي منڊيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے