22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز: ڳاڙهو: وائي ايس اين پاران غير مقامي نمائندا نامنظور جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي

ڳاڙهي ۾ ينگ سوشل نيٽ ورڪ ميرپورساڪرو جي سڏ تي مخلتف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران ووٽ جي اهميت ۽ غير مقامي سياسي نمائندا نامنظور جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ رند قومي اتحاد، فنڪشنل ليگ، تحريڪ انصاف سوڌو ٻين پارٽين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جاڳرتا ريلي سوين ماڻھن جي ڪافلي سان ساڪرو کان ڳاڙھي شھر پهتي جتي سياسي سماجي ڌرين پاران شاندار آجيان ڪئي وئي.

ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي.

ريلي کي اڳواڻن علم دين رند، عبدالرزاق ڪلمتي، عباس لاشاري ۽ عبدالوحيد رند خطاب ڪندي چيو ته ٺٽي ضلعي سدائين سياسي پارٽين ٻاهران اميدوار بيهاري مقامي ماڻهن جي حقن تي راتاهو هنيو آهي.

سندن چوڻ هو ته گذريل چونڊن ۾ پيپلزپارٽي اويس مظفر ٽپي کي بيهاريو جيڪو ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ ڪڏهن پنهنجي تڪ ۾ موٽي به ناهي آيو.

هنن چيو ته هن ڀير علي حسن زرداري کي عام چونڊن ۾ ٽڪيٽ ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن جيڪو هتان جي عوام کي ڪنهن به ريت منظور ناهن.

سندن چوڻ هو ته حڪومت جي بي ڌياني سبب ٺٽي ضلعي جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر ٿي وئي آهي، جڏهن سمنڊ ڏينهون ڏينهن زمين کي پائيندو پيو وڃي.

هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ ٿيڻ سبب خوشحالي آبادگار دربدر ٿي ويا آهن پر ڪو به سندن حقن لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| چوهڙجمالي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟ وفاقي حڪومت کي ڪهڙو ڏنائون چتاءُ ؟ڄاڻي حيران ٿي ويندو

چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پراان ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌري آبادڪاري خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے