16 جمعہ , نومبر 2018

سڄي دنيا ۾ 76 لک ٻار ماءُ جي ٿَڃ کان محروم آهن: يونيسيف

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري يونيسيف چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ هر سال 76 لک ٻار ماءُ جو کير پيئڻ کان محروم رهندا آهن. يونيسيف مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بريسٽ فيڊنگ بابت عالمي سروي جي تازي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي دنيا جي امير ۽ غريب ملڪن ۾ ٻارن کي ماءُ جو کير پيئارڻ جي شرح ۾ فرق وڌي ويو آهي. رپورٽ موجب وڌيڪ آمدني وارن ۽ ترقي پذير ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ ماءُ جو کير پيئارڻ جي شرح وڌيڪ آهي. مجموعي طور امير ملڪن جا 21 سيڪڙو، جڏهن ته غريب ملڪن جا رڳو 4 سيڪڙو ٻار ماءُ جو کير پيئڻ کان محروم آهن ۽ عالمي سطح تي 76 لک ٻار سالياني بريسٽ فيڊنگ کان محروم آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته امير ترين ملڪن ۾ آئرلينڊ سڀ کان گهٽ بريسٽ فيڊنگ وارو ملڪ آهي، جتي ماءُ جو کير پيئارڻ جي شرح 55 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سريلنڪا ماءُ جو کير پيئارڻ جي لحاظ سان پهرين نمبر تي آهي، جتي 99.4 سيڪڙو ٻار ماءُ جو کير پيئندا آهن. بريسٽ فيڊنگ جي حوالي سان پاڪستان ۾ 94.4 سيڪڙو مائرون پنهنجي ٻارن کي کير پيئارينديون آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آفيسرن جي واڌو پگهارن بابت پاڻمرادو نوٽيس: 45 آفيسر واڌو وصول ڪيل پگهارون واپس ڪرڻ تي رضامند

لاهور(ويب ڊيسڪ) آفيسرن جي پگهارن تي پاڻمرادي نوتيس ڪيس ۾ 54 آفيسرن مان 45 وڌيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے