16 جمعہ , نومبر 2018

لنڊن: منهن کي سڃاڻپ ڪندڙ ٽيڪنالاجي جا 98 سيڪڙو نتيجا غلط

لنڊن(ويب ڊيسڪ) تازو ئي منهن کي سڃاڻيندڙ يعنيٰ فيشل ريڪگنيشن ٽيڪنالاجي جا چرچا هئا، پر اِها ٽيڪنالاجي ايتري به درست ناهي ۽ لنڊن جي سڀ کان وڏي پولس فورس جي استعمال هيٺ سافٽ ويئر جا نتيجا مايوس ڪندڙ آهن. دي انڊيپنڊنٽ جي هڪ رپورٽ موجب لنڊن جي ميٽرو پوليٽن پوليس سسٽم 104 الرٽس متعارف ڪرايا، جنهن مان بعد ۾ رڳو 2 الرٽ درست نڪتا، يعنيٰ 98 سيڪڙو نتيجا غلط هئا. انهن نتيجن جي روشني ۾ پوليس فورس انتظاميا جو چوڻ آهي ته بائيو ميٽرڪ سسٽم في الحال استعمال جي لاءِ فٽ ناهي، ڇو ته انهن الرٽس کي ٻيهر چيڪ ڪيو ويو، جنهن بعد اِهي نتيجا سامهون آيا آهن. فيشل ريڪگنيشن ٽيڪنالاجي ذريعي ماڻهن جي منهن کي هڪ ويڊيو فيڊ ۾ اسڪين ڪيو ويندو آهي ۽ انهن جي ڀيٽ پهرين کان ريفرنس لائبريري ۾ موجود يا واچ لسٽ ۾ شامل تصويرن سان ڪئي ويندي آهي. برطانيا جي بائيو ميٽرڪ ڪمشنر پروفيسر پال وائلز موجب ان ٽيڪنالاجي جي فوري طور تي ضرورت هئي، پر هن چيو ته مون کي اها ڳالهه ٻڌي حيرت ناهي ٿي ته ان جا نتيجا هاڻ به درستگي جي گهڻو ويجهو ناهن ۽ واضح طور تي اِها ٽيڪنالاجي هاڻ استعمال جوڳي ناهي رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

روشني سان دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ جي تياري

سڊني(ويب ڊيسڪ)دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ تيار ڪرڻ جي ڪششن  ۾ آسٽريليا جي تحقيق به …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے