22 پیر , اکتوبر 2018

العزيزيه ريفرنس: نيب جي شاهد واجد ضياءَ جو بيان ٽئين ڏينهن به مڪمل نه ٿي سگهيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف العزيزيه ريفرنس ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) جي آخري شاهد واجد ضياءَ جو بيان ٽئين ڏينهن به مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ ٻڌڻي سڀاڻي تائين جي لاءِ ملتوي ڪئي وئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جي خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي نامزد جوابدار عدالت جي روبرو پيش ٿيو. فريادي جي آخري شاهد واجد ضياءَ مسلسل ٽئين ڏينهن العزيزيه ريفرنس ۾ پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سڀاڻي ٿيندڙ ٻڌڻي دوران سندس بيان مڪمل ٿي ويندو. نيب جي شاهد جو بيان مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث واجد ضياءَ تي جرح ڪندو. فريادي ڌر جي شاهد واجد ضياءَ بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته گلف اسٽيل ملز جي وڪري بابت شريف خاندان جي دعويٰ جي تصديق لاءِ خط لکيو جڏهن ته يو اي اي گلف اسٽيل ملز جي 25 سيڪڙو شيئرز جي وڪري جي غلط غلط قرار ڏني.  واجد ضياءَ موجب گلف اسٽيل جي وڪري سان 12 ملين درهم جي ٽرانزيڪشن جو ڪو به رڪارڊ نه مليو آهي ۽ دبئي ڪورٽ سسٽم ۾ 1980 جي ٺاهه جي نوٽرائيزيشن جو به ڪو رڪارڊ ناهي. نيب جي شاهد چيو ته  نتيجو ڪڍيو ويو ته سپريم ڪورٽ ۾ مريم، حسن ۽ حسين نواز طرفان جعلي دستاويز ڏنا ويا، آهلي اسٽيل ملز جي اسڪريپ جي تفصيل جي حسين  نواز جي دعويٰ به ڪوڙي نڪتي. واجد ضياءَ موجب حسين نواز چيو ته 50 کان 60 ٽرڪن ۾ فيڪٽريءَ جو اسڪريپ منتقل ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان هنن غلط بياني ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے