18 اتوار , نومبر 2018

اسان فوج جي مدد سان پاڪستان کي دهشتگردي جي اونداهي مان ڪڍيو: خرم دستگير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پرڏيهي ۽ بچاءَ واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏنو ۽ ڏئي رهيو آهي. هن ٻن ڏينهن واري ميڊيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 80 ملڪن مان آيل صحافين کي ڀليڪار چوان ٿو. خرم دستگير چيو ته بهادراڻي رپورٽنگ تي پاڪستاني صحافين کي سلام پيش ڪيان ٿو، پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏنو. پرڏيهي ۽ بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستاني صحافين خطرناڪ حالتن ۾ ذميواري سنڀائي، پاڪستان چار سال ڏکين حالتن کي منهن ڏنو.  هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت پاڪستان کي رت ۾ ٻڏل ڏٺو، پر اسان جي حڪومت پاڪستان  کي دهشتگردي جي اونداهي مان ڪڍيو. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ امن امان آهي، پنج سالن ۾ پاڪستان جي دنيا سان رابطا مضبوط ٿيا، پاڪستان اڄ پائيدار ۽ ترقي تي گامزن آهي، حڪومت فوج جي مدد سان ناممڪن کي ممڪن ڪيو. تقريب بعد جڏهن ميڊيا پرڏيهي وزير کان اڄ ٿيل قومي سلامتي واري ڪميٽي جي اجلاس بابت ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن سوالن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ کي انجام تي پهچائينداسين: ڪي پي جو وڏو وزير

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے