16 جمعہ , نومبر 2018

ڪانز فلم فيسٽيول جي ريڊ ڪارپيٽ تي ماهرا خان جا جلوا

پيرس(ويب ڊيسڪ) فرانس جي شهر ڪانز ۾ جاري 71 هون فلمي ميلو پنهنجي رنگن سان جاري آهي، جتي پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان به پنهنجا جوهر ڏيکاريا.هلندڙ سال ڪانز فلم فيسٽيول ۾ پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماهرا خان کي ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي هئي.ماهرا خان پنهنجي ڪيريئر جي ان اهم ترين ايونٽ ۾ شرڪت جي لاءِ گهري نيري رنگ جي لباس جي چونڊ ڪئي جنهن کي پهري هو تمام گهڻي خوبصورت نظر اچي رهي هئي .فيسٽيول جي دوران ماهرا خان ڀارتي اداڪارا سونم ڪپور سان پڻ ملاقات ڪئي.سوشل ميڊيا تي پڻ ماهرا خان جي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ شرڪت واريون تصويرون شيئر ڪيون پيون وڃن.ڪانز فلم فيسٽيول ۾ پاڪستان جي نمائندگي جي لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ماهرا خان چيو ته هي نه رڳو هن لاءِ پر پاڪستان جي لاءِ پڻ هڪ تمام وڏو اعزاز آهي، سموريون نگاهن مون مٿان لڳل آهن.جنهن تي تمام گهڻي خوش آهيان. هن چيو ته پاڪستان جا ڪيترائي پاسا آهن، جڏهن اسان جهڙا ڪيترائي فنڪار سموري دنيا ۾ سفر ڪندا آهن ان سان ٻين ماڻهن اسان  بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو ملندو آهي ته اسان ڪير آهيون؟ ماهرا خان ڪانز ريڊ ڪارپيٽ تي مشهور ميڪ اپ برانڊ جي نمائندگي ڪري رهي آهي. 8 مئي کان شروع ٿيندڙ ڪانز فلم فيسٽيول 19 مئي تائين جاري رهندو. ماهرا ريڊ ڪارپيٽ ايونٽ کان اڳ پنهنجون تصويرون پڻ انسٽاگرام تي شيئر ڪيون. جن کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deepika Padukone’s engagement ring is as lavish as her wedding. See pics

رنوير طرفان پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ڏنل پهرين تحفي جا چرچا

ممبئي ( شوبز نيوز ) رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا پڊڪون کي قيمتي منڊيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے