21 بدھ , نومبر 2018

پاڪستان تاريخي ٽيسٽ ميچ ۾ آئرلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڊبلن (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم نوجوان بيٽسمين امام الحق ۽ بابر اعظم جي بهترين ڪارڪردگي عيوض تاريخي ٽيسٽ ميچ ۾ آئرلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڊبلن ۾ کيڏيل واحد ٽيسٽ ميچ جي پنجين ڏينهن آئرلينڊ 319 رنسن تي 7 رانديگر آئوٽ تان پنهنجي رهيل اننگز جي شروعات ڪئي ته 118 رنسن تي بيٽنگ ڪندڙ ڪيون اوبرائن پنهنجي اسڪور ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري سگهيو ۽ 118 رنسن تي ئي پويلين موٽيو. ان کانپوءِ محمد عباس کي آئرش بيٽنگ لائن تباهه ڪرڻ ۾ گهڻي دير نه لڳي ۽ پوري ٽيم وڌيڪ 20 رنسن جي اضافي سان 339 رنسن تي پويلين موٽي وئي. پاڪستان طرفان محمد عباس بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته محمد عامر 3 وڪيٽون ورتيون. پهرين اننگز جي برتري سبب پاڪستان کي ميچ ۾ 160 رنسن جو هدف مليو پر اهو معمولي هدف حاصل ڪرڻ ۾ به پاڪستان سٺي شروعات نه ڪئي. 14 رنسن جي اسڪور تائين قومي ٽيم جا تجربيڪار بيٽسمين اظهر علي ۽ اسد شفيق سان گڏوگڏ حارث سهيل به پويلين موٽي ويا. ان موقعي تي پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏندڙ نوجوان بيٽسمين امام الحق ۽ بابراعظم ٽيم کي ڏکئي وقت مان ڪڍڻ جو ذمو کنيو. ٻنهي رانديگرن بهترين بيٽنگ ڪندي سينچري جي ڀائيواري قائم ڪري آئرلينڊ جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ فتح جو خواب چڪنا چور ڪندي قومي ٽيم کي فتح جي راهه تي آندو. امام ۽ بابر چوٿين وڪيٽ لاءِ 126 رنسن جي ڀائيواري جوڙي پاڪستان جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 140 جي گڏيل اسڪور تي بابر اعظم رن آئوٽ ٿي پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو، هن 59 رنسن جي اننگز کيڏي. ڪپتان سرفراز احمد ٻي اننگز ۾ به ناڪام رهيو ۽ صرف 8 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو پر ٻئي اينڊ کان امام الحق بيٺو رهيو ۽ ٽيم کي 5 وڪيٽن تان فتح ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويو. نوجوان بيٽسمين ناقابل شڪست 74 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم جي فتح ڏياري، جڏهن ته آئرلينڊ جي ڪيون اوبرائن کي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽيم ٽي ٽوئنٽي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ سبب ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ لڳاتار ناڪام ٿي رهي آهي: عبدالقادر

ڪراچي (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عبدالقادر ابوظهبي جي شيخ زيد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے