14 بدھ , نومبر 2018

جسم ۾ پاڻيءَ جي مقدار جاچڻ جو سولو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرمين ۾ تِکي اُس ۽ بجليءَ جي بندش سبب جسم ۾ موجود پاڻي جي کوٽ ٿي ويندي آهي، جنهن سان ڊي هائڊريشن جو خطرو پيدا ٿي ويندو آهي، جڏهن ته مصروفيتن سبب عام طور تي ماڻهو ان معاملي کي نظر انداز ڪندا آهن، جيڪو اڳتي هلي انهن جي صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي. صحت جي ماهرن ڊي هائڊريشن ڄاڻن لاءِ هڪ انتهائي سولو طريقو ٻڌايو آهي، جنهن سان توهان ڀلي ڪٿي به هجو، آسانيءَ سان پنهنجي جسم ۾ پاڻي جي مقدار ڄاڻي سگهو ٿا. ان جو طريقي ڪار اهو آهي ته توهان پنهنجي هٿ جي کَلَ کي آڱرين جي مدد سان چپٽي جي انداز ۾ پڪڙي ان کي گهٽ ۾ گهٽ 3 سيڪنڊن کان پوءِ ڇڏيو، جيڪڏهن چپٽي ڇڏڻ کانپوءِ فوري طور توهان جي کَل اصلي حالت ۾ اچي وڃي ۽ ان جو رنگ تبديل نه ٿئي ته سمجهي وڃو توهان جي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ناهي پر جيڪڏهن توهان کي کَل اصل حالت ۾ موٽڻ لاءِ ڪجهه وقت وٺي يا ان جو رنگ تبديل ٿي وڃي ته سمجهي وڃو اها ڊي هائڊريشن جي نشاني آهي. ٻارن جي جسم ۾ پاڻي جي مقدار جاچڻ جو به اهو ئي طريقي ڪار آهي پر تبديلي رڳو اها آهي ته ٻارن جي هٿ نه پيٽ کي کَل کي پڪڙڻو آهي. ٻارن جي پيٽ تي چپٽيءَ واري انداز ۾ ڄاڻايل طريقي ڪار انجام ڏئي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ڊاڪٽر ڊينس گروس ان ٽيسٽ کي ڊي هائڊريشن جاچڻ جو بهترين ۽ سولو طريقو قرار ڏيندي صلاح ڏني آهي ته ڊي هائڊريشن جي علامت ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻي جو استعمال وڌايو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Your Sleep Schedule Might Be Messing With Your Hydration Levels

رات جو ننڊ نه ڪندڙ ڪهڙين بيمارين جو شڪار ٿين ٿا؟ : تحقيق

نيويارڪ/بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به شخص لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے