17 ہفتہ , نومبر 2018

اسرائيلي بربريت جاري، شهيد فلسطينين جو انگ 58 ٿي ويو، چڪريون جاري

يروشلم (م ڊ) اسرائيلي فوج هٿان شهيد ٿيل فلسطينين جو تعداد 58 ٿي ويو آهي، جن جي اڄ تدفين ڪئي وئي. غزه ۾ فلسطين تي اسرائيل جي قبضي کي 70 سال مڪمل ٿيڻ ۽ آمريڪا طرفان پنهنجو سفارتخانو تل ابيب کان بيت المقدس منتقل ڪرڻ جي موقعي تي شروع ٿيل مظاهرن تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۽ شيلنگ ۾ 52 شهيد ۽ اڍائي هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا. زخمين مان وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، شهيدن جي تدفين کانپوءِ مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هوڏانهن بي بي سي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته اطلاع آهن ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ مصر ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن صورتحال تي ضابطو آڻي سگهجي، جڏهن ته آمريڪي سفارتخاني جي منتقلي جي عالمي برادري سخت مذمت ڪئي آهي، برطانوي وزيراعظم ٿريسامي جي ترجمان چيو آهي ته افسوس ٿيو جو آمريڪا القدس کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو آهي، اسان جو سفارتخانو تل ابيب ۾ آهي، منتقل ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه آهي. ترڪ صدر طيب اردگان چيو آهي ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ ٽياڪڙ وارو ڪردار وڃائي ڇڏيو آهي. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته آمريڪي قدم عالمي برادري جي فيصلي جي ابتڙ آهي.گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 15 ميمبرن مان 10 ميمبرن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش کي خط موڪلي ڪائونسل کان اسرائيل کان فلسطين جي والاريل زمين تي غيرقانوني رهائشي بستين جي تعمير بند ڪرائڻ جي مطالبي تي ٻڌل فيصلي جي پاسداري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. عرب ليگ آمريڪي سفارتخاني جي والاريل بيت المقدس منتقلي جي آمريڪي قدم جي خوشي ملائيندڙ ملڪن جي عمل کي شرم جوڳو قرار ڏنو آهي. جرمن نشرياتي اداري موجب عرب ليگ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهو قدم بين الاقوامي ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي واضع ڀڃڪڙي آهي. ٻئي پاسي فرانس ۽ اردن پڻ ان آمريڪي قدم کي رد ڪندي ان کي بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. ٻئي پاسي چيڪ جمهوريا، هنگري ۽ رومانيا يورپي يونين جي ان مذمتي بيان کي بليڪ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ آمريڪي سفارتخاني جي منتقلي کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. گڏيل قومن جي انساني بنيادن تي امداد جي اداري چيو آهي ته غزه ۾ ٻارڻ جي فراهمي لاءِ متبادل رستا ڳولڻ جي ضرورت آهي. جرمن نشرياتي اداري موجب عالمي اداري جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻارڻ جي عدم دستيابي سبب اسپتالن، صفائي، پاڻي جي نيڪالي ۽ پاڻي جي فراهمي جهڙا معاملا ڏکيا ٿيندا پيا وڃن. غزا ۾ احتجاج دوران وڏي پئماني تي شهادتن کانپوءِ ان موضوع تي اڄ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس ٿي رهيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته اهو اجلاس ڪويت جي درخواست تي گهرايو ويو آهي. سعودي عرب آمريڪي سفارتخاني جي اسرائيل منتقلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سعودي وزيرن جي ڪائونسل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي سفارتخاني جي تل ابيب منتقلي يروشلم جي فلسطيني عوام جي تاريخي حقن خلاف تعصب ظاهر ڪري ٿي. 0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے