17 ہفتہ , نومبر 2018

پرڏيهين کي شهريت خلاف ڌرتي ڌڻين جو رنڊڪون ٽوڙي مارچ، گورنر پاران وفاق سان ڳالهائڻ جي خاطري

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي 72 ڪلاڪن واري بُک هڙتال ختم، ڪراچي پريس ڪلب کان گورنر هائوس ڏانهن هزارين ديسڌڻين جو پرامن مارچ، گورنر سان سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سربراھ سميت وفد گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر  محمد زبير سان ملاقات ڪري ياداشت نامو پيش ڪري ڇڏيو، گونر سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي وفد کي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته سندن مطالبن تي وفاق ۽ خاص طور تي وفاقي گھرو وزير سان ڳالهايو ويندو. ڪجهه ڏينهن ۾ گورنر پاران سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ٻيهر به ملاقات ڪئي ويندي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جي ٽئين مرحلي جو اعلان ايندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويندو. گورنر ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي وفد ۾ ملاقات دوران به ڦوهارا چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان حوالي سان ڄاڻ موجب ته سنڌ جي قوم پرست جماعتن سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير قريشي) جسقم (آريسر )، جيئي سنڌ محاذ، عوامي جھموري پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، پ پ پ شهيد ڀٽو، سنڌي ادبي سنگت، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي سميت ٻين پارٽين پاران ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۽ ڌارين جي الڳ رجسٽريشن نه ڪرڻ سميت ڌارين جا سُڃاڻپ ڪارڊ رد نه ڪرڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان لڳايل 72 ڪلاڪن واري بُک هڙتال ختم ٿي وئي آهي. گذريل ڏينهن بُک هڙتال ختم ٿيڻ بعد سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سيد زين شاھ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو، امير آزاد پنهور، امان الله شيخ، تاج جويو، احمد سولنگي، خير محمد مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب کان گورنر هائوس تائين مارچ ڪيو ويو. مارچ سبب پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي. جن سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي مارچ کي ريڊ زون جي داخلي رستي تي روڪيو ويو. جنهن بعد ڪارڪن پرامن طريقي سان گورنر هائوس اڳيان ڦوهارا چورنگي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جتي ڌرڻو هنيو ويو. ان دوران سنڌ جي گورنر محمد زبير پاران سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي وفد کي ڳالهين لاءِ گھرايو ويو. جنهن سان سيد زين شاھ ۽ امان الله شيخ جي اڳواڻي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي 2 رُڪني وفد ڳالهيون ڪري کيس ياداشت نامو پيش ڪيو ويو. ملاقات دوران سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن گورنر کي نادرا جي سنڌ دشمن پاليسين بابت تفصيلي آگاهي ڏني. جنهن تي گورنر کين خاطري ڪرائي ته جلد وفاق سان ڳالهايو ويندو. ۽ وفاقي گھرو وزير احسن اقبال کي پڻ معاملي بابت آگاهي ڏيڻ سان گڏ کيس سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي خدشن بابت آگاهه ڪيو ويندو. ڄاڻ موجب ته گورنر سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن کي اهو پڻ چيو ته وفاق سان ڳالهائي ڪجهه ڏينهن ۾ ساڻن هڪ ڀيرو ٻيهر ملاقات ڪئي ويندي. گورنر جي خاطري بعد سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران گورنر هائوس سامهون لڳايل ڌرڻو پڻ ختم ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گورنر کي ياداشت نامو پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڌارين جا سُڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ ۽ برمين، بنگالين ۽ افغانين کان غيرسوال نه ڪرڻ واري نادار اختيارين جي جاري ليٽر تي گورنر سنڌ پاران وفاق سان ڳالهائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وحدانيت تي وار برداشت نه ڪيو ويندو. برمي، بنگالي ۽ افغاني سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ کان پوءِ سنڌ جي وسيلن تي ويتر بار بڻجي ويندا. هنن چيو ته اسان جي احتجاج کي ڪمزور نه سمجھيو وڃي. سنڌ جي وسيلن کي بچائڻ ۽ ڌرتي جي حفاظت لاءِ ان کا وڌيڪ سگھارو احتجاج به ڪري سگھون ٿا.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے