17 ہفتہ , نومبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾نواز شريف خلاف غداري ڪيس لاءِ درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي، درخواست گذار /پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ موقف اختيار ڪيو آهي ته نوازشريف ممبئي حملن بابت بيان ڏئي غداري ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حليم عادل شيخ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيوآهي ته ممبئي حملن بابت نواز شريف جي بيان تي فوري ڪارروائي عمل ۾ آڻي سندس خلاف آرٽيڪل 6 هيٺ ڪيس داخل ڪيو وڃي، گهرو کاتي کي سندس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي.  درخواست ۾ هن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري پئيمرا  کي نواز شريف جون تقريرون نشر ڪرڻ کان روڪيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے