18 جمعرات , اکتوبر 2018

نواز شريف تي رقم ڀارت منتقل ڪرڻ جو الزام:چيئرمين نيب اڄ قائمه ڪميٽيءَ اڳيان پيش ٿيندو

Nawaz Sharif to transfer money to Nawaz Sharif: Chairman NAB will be present before the committee committee today

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف تي 4.9 ارب رپيا مني لانڊرنگ ذريعي ڀارت موڪلڻ واري الزام تي چيئرمين قومي احتساب بيورو(نيب) جسٽس(ر) جاويد اقبال قائمه ڪيمٽي جي اڳيان پيش ٿيندو.قومي اسمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت قائمه ڪميٽي گذريل ڏينهن ايم اين اي رانا حيات جي طرفان اٿاريل اعتراض واري نڪتي جو نوٽيس وٺندي چيئرمين نيب کي اڄ طلب ڪيو ويو هو.قائمه ڪميٽي چيئرمين نيب کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي معاملي کان آگاهه ڪرڻ ۽ پاڻ سان گڏ لاڳاپيل آفيسر کي وٺي اچڻ جي هدايت ڪئي آهي.ٻئي پاسي چيئرمين نيب کي قومي اسمبلي جي قائمه ڪيمٽي ۾ طلب ڪرڻ واري معاملي تي پيپلز پارٽي جي قانون ۽ انصاف جي ڪميٽي ميمبر استعفيٰ ڏئي ڇڏي.ڪميٽي ميمبر نويد قمر ۽ شگفته جماڻي استعفيٰ چيئرمين ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيا.استعفيٰ ۾ نويد قمر موقف اختيار ڪيو ته چيئرمين نيب کي ان اجلاس ۾طلب ڪرڻ نيب جي ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ آهي.هن چيو ته پارليمنٽ ادارن کي ڪمزور نه پر مضبوط ڪندي آهي، اهڙي قدم سنا نيب ڪمزور ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جو آسٽريليا کي ٽيسٽ سيريز کٽڻ لاءِ 538 رنسن جو جبل جيڏو ٽارگيٽ

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ آسٽريليا کي 538 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے