13 منگل , نومبر 2018

اتر ڪوريا طرفان ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات رد ڪرڻ جي ڌمڪي

 North Korea condemned the meeting with Donald Trumppسيئول(ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. رپورٽن مطابق اتر ڪوريا ۽ آمريڪا وچ ۾ ڄميل برف پگهرجڻ واري هئي پر هڪ ڀيرو ٻيهر اتر ڪوريا پاران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.اتر ڪوريا جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ايٽمي هٿيارن جي پروگرام کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پر جيڪڏهن آمريڪا ايٽمي هٿيارن کي ختم ڪرڻ جو دٻاءُ وڌو ته ٽرمپ سان ايندڙ 12 جون واري طئي ٿيل ملاقات رد ڪري سگهجي ٿي.ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ ۽ ڪم جونگ ان وچ ۾ ملاقات جون تياريون جاري آهن، اتر ڪوريا جي موقف ۾ ڪنهن به تبديلي جي ڪا ڄاڻ ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے