22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |حيدرآباد: اسپيننگ ملز جي ملازمن جو پگهارون نه وڌائڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد جي سائيٽ ايريا ۾ قائم ڪيل باجواه اسپيننگ ملز جي ملازمن پگهارون نه وڌائڻ ۽ برطرف ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

ملازمن  سيد قيصر عباس نقوي، محمد حفيظ جٽ، شمس الدين شيخ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته 10 سالن کان باجواه اسپيننگ ملز سائيٽ ايريا حيدرآباد ۾ مزدور طور ڪم ڪري رهيا آهيون پر  گذريل 3 سالن کان سندن پگهار ۾ اضافو نه ڪيو ويو آهي .

هنن ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبر انسپيڪشن حيدرآباد  وٽ درخواست به داخل ڪرائي پر  پگهار وڌائڻ بدران ملز انتظاميا کين اواز اٿارڻ تي  نوڪري مان نيڪالي ڏئي ڇڏي .

هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پگهارون وڌائي نوڪري تي بحال ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ميرپورخاص : جيل ۾ قيدر پرا سرار نموني فوت

*ميرپورخاص ۾ ڊسٽرڪٽ جيل اندر 57 ورهين جو قيدي پر اسرار نموني  فوت ٿي ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے