16 جمعہ , نومبر 2018

اصغر خان ڪيس:اڳوڻو آرمي چيف مرزا اسلم بيگ جاچ ڪميٽي اڳيان پيش

Asghar Khan Case: Former Army Chief Aslam Beg presented before the JSQMاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اصغر خان ڪيس جي جاچ ڪميٽيءَ اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) مرزا اسلم بيگ ۽ آءِ ايس آءَ جي اڳوڻي سربراهه لينفٽيننٽ(ر) اسد دراني کي طلب ڪري ورتو جنهن تي مرزا اسلم بيگ ڪميٽي اڳيان پيش ٿيو.سپريم ڪورٽ گذريل هفتي پنهنجي فيصلي ۾ حڪومت کي اصغر خان ڪيس تي عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏنوهو ۽ چيو هو ته وفاقي حڪومت ۽ ايف آءِ اي ڪيس جي آيل فيصلي جي روشني ۾ قانون موجب ڪاروائي ڪن.ميڊيا جي رپورٽن موجب اصغر خان ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي جنهن ۾ ايف آءِ اي جي جاچ ڪميٽي اڳوڻي آرمي چيف  مرزا اسلم بيگ ۽ اڳوڻي آءِ ايس ايس سربراهه اسد دراني کي اڄ سوال جوابن لاءِ طلب ڪيو.اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) مرزا اسلم بيگ ڪميٽي اڳيان پيش ٿيڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي جي هيڊ ڪوارٽر پهتو جڏهن ته اسد دراني جا به اڄ پيش ٿيڻ جا امڪان آهن.رپورٽن موجب ايف آءِ اي جي احسان صادق جاچ ڪميٽي جي سربراهي ڪري رهيو آهي،  جڏهن ته ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر عثمان انور، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڊاڪٽر رضوان ۽ قانوني سهڪار جي لاءِ ڊائريڪٽر لا علي شير جکراڻي به ڪميٽي ۾ شامل آهن.ميڊيا جي رپورٽن موجب ڊاڪٽر عثمان انور اڳ ۾ به ڪيس ۾ بيان وٺي چڪو آهي، پر احسان صادق اڄ ٻيهر مرزا اسلم بيگ ۽ اسد دراني کان بيان وٺندو.رپورٽن جي موجب مرزا اسلم بيگ کان پڇاڻو ڪيو ويندو ته رقم ڪيئن آئي؟ ڪنهن جي حوالي ڪئي ؟ يا اهو فيصلو ڪهڙي سطح ته ڪيو ويو ؟ ڪير ڪير ان ۾ شامل هو؟ ڪهڙي ڪهڙي سياستدانن کي پيسا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ؟ ۽ ان جو مقصد ڇا هو؟ ميڊيا جي رپورٽن موجب جاچ ڪميٽي جي طرفان اسد دراني کان پڇاڻو ڪيو ويندو ته پيسن جو بندوبست ڪنهن ڪيو ۽ پيسا ڪٿان آيا؟ ڪهڙي طريقي ورهايا ويا؟ رپورٽن موجب جاچ ڪميٽي ٻين سياستدانن کي پڻ طلب ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس ڪٽاس راڄ مندر جو تلاءَ ڀرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار خشڪ ڪيل ڪٽاس راڄ مندر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے