19 پیر , نومبر 2018

نيوز |ملير: اسٽيل مل جي سوين پورهيتن جو چئن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ملير ۾ اسٽيل مل جي سوين پورهيتن  چئن مهينن کان پگهارون  نه  ملڻ،  اداري جي بحالي ۽ اداري کي تباھ ڪندڙن جي احتساب لاءِ احتجاج ڪيو .

پورهيتن   ياسين ڄامڙو،  شوڪت ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلوي ٽريڪ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو .

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  ملڪ جي سڀ کان وڏي صنعتي اداري کي هٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي ۽ ھڪ منظم سازش تحت اداري ۾ ڪرپٽ آفيسر ويهاري اسٽيل مل کي مال غنيمت سمجهي لٽيو ويو.

هنن چيو ته  پورهيتن کي چئن چئن مهينن کان پگهارون  نه  ٿيون ملن جنهن ڪري مسڪين ماڻهو معاشي بدحالي جو شڪار آهن .

هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت پگهارون جاري ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے