22 پیر , اکتوبر 2018

رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، سڀاڻي ملڪ ۾ پهريون روزو هوندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ سن 1439 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو آهي جنهن بعد پاڪستان ۾ پهريون روزو سڀاڻي خميس تي ٿيندو. مرڪزي رويت هالل ڪميٽي جو اجلاس ڪراچي ۾ جڏهن ته زونل ڪميٽين جا اجلاس صوبائي هيڊ ڪوارٽرن ۾ رٿيا ويا جتي چنڊ جي رويت جي حوالي سان شهادتون گڏ ڪيون ويون. رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان ڪيو. موسميات کاتي جي اختيارين موجب رمضان مهيني جي چنڊ جي پيدائش گذريل شام 4 لڳي 49 منٽن تي ٿي ۽ اڄ شام سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر 26 ڪلاڪ 45 منٽ هئي. ٻئي پاسي موسميات کاتي ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ جي پهرين هفتي ۾ موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ پهرين هفتي ۾ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جھو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے