16 جمعہ , نومبر 2018

محاذ آرائي جو سلسلو جاري رهيو ته پارٽي ئي نه پر ملڪ کي نقصان جو خدشو آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته اِهو عمل انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي پهرين اسان جي حڪومت ۾ ختم نبوت جو مسئلو بڻيو ۽ هاڻ ملڪ دشمني جا الزام لڳي رهيا آهن. پنهنجي بيان ۾ چوڌري نثار چيو ته محاذ آرائي جو سلسلو جاري رهيو ته رڳو پارٽي ئي نه پر ملڪ کي به سخت نقصان رسندو. هن چيو ته حڪمت عملي صحيح نه ڪئي وئي ته پارٽي کي گهڻو نقصان رسڻ جو خطرو آهي. هن چيو ته سياستدانن جو ڪم پنهنجي اصولن تي قائم رهي رستو ڪڍڻ آهي، مسلم ليگ ن کي پارٽي طور موجوده صورتحال تي ٿڌي دل سان غور ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته غصو ۽ تڪرار  سياسي مسئلي جو حل ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ 20 ربيع الاول تائين قلم 144 لاڳو، ٻيلهه سواري تي به پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي سنڌ ۾ 20 ربيع الاوال تائين قلم 144 لاڳو ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے