14 بدھ , نومبر 2018

اسيمبلي ۾ آخري تقرير آهي، واپسي جو ڪو به ارادو ناهي: ارم عظيم فاروقي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ارم عظيم فاروقي چيو آهي ته اسيمبلي ۾ واپسي جو ڪو به ارادو ناهي ڇو ته آئون دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته جڏهن ووٽ ويندا ته عوام جا دروازا بند هوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس سان خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ هن پنهنجي ناڪامين جو اظهار ڪندي چيو ته ايوان ۾ ويٺل هر ميمبر کي شرم اچڻ گهرجي، اسان پنهنجي عوام کي صاف پاڻي به نه ڏئي سگهياسين، واٽر مافيا ماڻهن جو پاڻي چورائي انهن کي ئي وڪڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اِها منهنجي آخري تقرير آهي ڇو ته منهنجو اسيمبلي ۾ واپسي جو ڪو به ارادو ناهي، اسپيڪر آغا سراج دراني جي پڇاڻي تي هن چيو ته ڪهڙي منهن سان عوام وٽ ايندس، دعويٰ سان چوان ٿي ته جڏهن ووٽ وينداسين ته عوام جا دروازا اسان لاءِ بند هوندا. هن وڌيڪ چيو ته صوبي مان ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪيو ۽ هر شئي کي ميرٽ تي آڻيو، ڪوٽا سسٽم جيستائين ختم نه ڪندسين اسان هڪ نه ٿينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے