18 اتوار , نومبر 2018

نواز شريف مٿان ڪوڙا ڪيس مڙهي کيس وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو: جاويد هاشمي

اسلام ٓباد(ويب ڊيسڪ) برزگ سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته نواز شريف تي ڪوڙا ڪيس ٺاهي وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف کي ڏوهاري ناهي بڻايو پر ڪيس نيب کي ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي چيو ويو ته ڪيس جو فيصلو 6 مهينن جي اندر ڪيو ۽ هاڻ فيصلو به نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي. هن چيو ته هتي جنهن کي جهڙي سزا ڏيڻي آهي اهڙا ئي جج هوندا آهن، ضياءُ الحق منهنجي سامهون چيو هو ته جيڪڏهن جج ضياءُ الحق کي ڇڏڻ چاهي ٿو ته آئون ملٽري ڪورٽ بڻائيندس. هن چيو ته قانون ۽ انصاف هڪ گهيراءُ آهي جنهن ۾ سياستدانن کي گهرائي ڦاهيون لڳايون وينديون آهن. جيڪڏهن پڪڙڻو آهي ته پرويز مشرف کي ڪرپشن تي پڪڙيو جنهن پاڪستانين کي گوانتاناموبي ۾ موڪلي پيسا ورتا ۽ ان بابت مون پاڻ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي. هن چيو ته ن ليگ ۾ شامل ٿي ويو آهيان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ بابت پارٽي فيصلو ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم قوم کي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومتي دور جا 100 ڏينهن پورا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے