19 پیر , نومبر 2018

ملڪي معيشت مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته بجلي، گيس مصنوبن جي ڊگهي فهرست آهي جيڪا ن ليگ مڪمل ڪئي، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ملڪ جي معيشت مضبوط ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهرا هن ميرابيگوال ۾ پولي ٽيڪنيڪل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. شاهد خاقان عباسي چيو ته پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ علائقي جي ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته بيمارين جي سڃاڻپ، علاج بابت اين آءِ ايڇ جو اهم ڪردار آهي، سڄي ملڪ ۾ ويلٿ پاليسي جو گڏيل لاڳو ٿيڻ بنيادي اهميت تي ٻڌل آهي، صحت واري قومي اداري کي معياري سهولتون ڏئي رهيا آهيون، صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي ريست جي ذميواري آهي. وزير اعظم چيو ته اليڪشن ويجهو آهي، هاڻ فيصلو توهان جي هٿن ۾ اچي ويو آهي، اميد آهي ته توهان جو فيصلو بهتر هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے