20 منگل , نومبر 2018

نيوز | مومل ماڙي: نينگر جي قتل الزام هيٺ آيل ڌر پاران مخالفن خلاف احتجاج

مومل ماڙي ۾ نينگر جي قتل الزام هيٺ آيل ڌر پريس ڪلب پهچي دانهيو.

پريس ڪلب ۾ نينگر ظفر الله مهر جي قتل الزام هيٺ آيل عبدالصمد ۽ عبدالڪريم سميت ٻين دانهيو ته هو امن پسند ڳوٺاڻا آهن،مٿن قتل جو ڪوڙو الزام آيو آهي.

هنن الزام هنيو ته مير احمد مهر سان سندن زميني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن نينگر کي قتل ڪري الزام مٿن هنيو آهي.

سندن چوڻ هو ته مقتول نينگر به سندن ٻچن جيان آهي، هو کيس ڪيئن قتل ڪري سگهن ٿا.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن کي سزا ڏين

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: لکي غلام شاهه: تيز رفتار ويگن ڪلٽي، 6 ڄڻا زخمي

لکي  غلا م شاهه ڀرسان تيز رفتار ويگن ڪلٽي ٿيڻ جي تنيجي ۾ 6 ڄڻا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے