17 بدھ , اکتوبر 2018

پاڪستان ۽ جاپان ۾ نگران حڪومتون…

محمد عرفان صديقي ( جاپان )

سواءِ ڪنهن شڪ جي اسلام آباد دنيا جي انهن گاديءَ وارن شهرن ۾ شامل آهي جيڪي انتهائي خوبصورت آهن، ڪجهه وقت ٿيندو ته اسلام آباد ايئرپورٽ کي هوائي اُڏامن  جي آمد ۽ روانگيءَ لاءِ کوليو ويو آهي، ايئرپورٽ انتهائي خوبصورت آهي پر پرڏيهن جي واتان اهو ٻڌي انتهائي ڏک ٿيندو آهي ته ايئرپورٽ جو معيار انتهائي ناقص آهي، ائرپورٽ جي افتتاح کي جمعو، جمعو اٺ ڏينهن مس ٿيندا پر انهن اٺن ڏينهن دوران ئي ايئر پورٽ جا ايليويٽرس خراب ٿي ويا آهن، موبائل چارجز جا باڪس خراب ٿي ويا آهن، ايئرپورٽ تي صفائيءَ جو انتظام ناقص آهي.

پر مان سمجهان ٿو ته اسلام آباد ايئرپورٽ کي تجرباتي طور تي عوام لاءِ کوليو ويو آهي ۽ آهستي آهستي غلطين ۽ ڪوتاهين تي ضابطو آندو ويندو. بهرحال مان اسلام آباد کان ڪراچيءَ لاءِ پنهنجي اڏام جو انتظار ڪري رهيو هوس ۽ انهيءَ وقت لائونج ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ آصف علي زرداريءَ جو ويجهو دوست ڊاڪٽر قيوم سومرو به لاهور لاءِ پنهنجي اڏام جو انتظار ڪري رهيو هو، ڊاڪٽر قيوم سومري سان ماضيءَ ۾ به ڪافي ملاقاتون ٿيون آهن پر ڪجهه ئي وقت اڳ بلوچستان ۽ سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمن جي چونڊن لاءِ هُن جيڪا لابنگ ڪري بلوچستان ۽ فاٽا سميت پي ٽي آءِ جي سمورن ووٽ کي جهڙي نموني ميڙي سيڙي آصف علي زرداريءَ جي جهوليءَ ۾ وجهڻ جو جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو انتهائي تعريف لائق آهي ڇو؟، جو سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت ۾ نه هجڻ جي باوجود به سينيٽ جا ٻئي عهدا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

ڊاڪٽر قيوم سومري جيڪو بلوچستان ۾ سياسي ڪردار ادا ڪيو ان مان ائين لڳي رهيو آهي ته نواز شريف آصف علي زرداريءَ جي سياست مان ڪجهه سکيو هجي يا نه پر ڊاڪٽر قيوم سومرو تمام گهڻو ڪجهه سکيو آهي، ڊاڪٽر قيوم سومرو باقاعدي هڪ سياستدان ته نه آهي پر آصف علي زرداريءَ سان ويجهو رهڻ ڪري هو سياسي معاملن ۾ تمام گهڻي مهارت حاصل ڪري چڪو آهي. سنڌ ۾ ڊاڪٽر قيوم سومري مذهبي معاملن جو وزير رهيو آهي جتي هُن مذهبي انتها پسنديءَ خلاف انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي نه صرف پاڪستان سطح تي تعريف ڪئي وئي پر بين الاقوامي سطح تي به ان کي ساراهيو ويو. ڊاڪٽر قيوم سومري کي پاڪستان ۾ مذهبي انتها پسندي ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي جاپان جي هڪ سماجي تنظيم پاران پڻ ايوارڊ جو حقدار قرار ڏنو ويو آهي.

ڊاڪٽر قيوم سومرو سنڌ صوبي ۾ مذهبي انتها پسندي ختم ڪرڻ ۽ مذهبي هم آهنگي کي وڌائڻ لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هو ڪيئي موقعن تي مذهبي ڇڪتاڻ وارن علائقن ۾ سواءِ ڪنهن پروٽوڪول جي پهتو ۽ معاملن کي بگڙجڻ کان بچائي ورتو، هو اهڙن هندن تي پڻ ويو جتي وڏا وڏا حڪومتي وزير سيڪيورٽيءَ هوندي به وڃڻ کان ڪيٻائيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو آصف علي زرداري پنهنجن ڪيئي حڪومتي وزيرن ۽ ذميوارن ۽ صلاحڪارن کان وڌيڪ مٿس اعتماد ڪندو آهي ۽ ڪيئي اهم ڪم سندس ئي حوالي ڪيا ويندا آهن.

ڊاڪٽر قيوم سومرو آصف علي زرداريءَ جي صدر رهڻ دوران پنجن سالن دوران ايوان صدر ۾ پڻ اهم ذميواريون سرانجام ڏئي چڪو آهي. اڄ هڪ ڊگهي عرصي بعد ساڻس ملاقات ٿي رهي هُئي، ايئرپورٽ تي ٿيندڙ انهيءَ مختصر ملاقات دوارن ڊاڪٽر قيوم سومرو نواز شريف کان تمام گهڻو بيزار نظر آيو، سندس چوڻ هو ته ميان نواز شريف پنهنجي نااهليءَ بعد مسلسل رياست تي حملا ڪري رهيو آهي ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته هو پنهنجي نااهليءَ جو بدلو پاڪستان کان وٺڻ ٿو گهري.

ميان نواز شريف جا ممبئي ڌماڪن بابت بيان انتهائي ڳڻتيءَ جوڳا آهن ۽ هر پاڪستانيءَ کي اهڙن بيانن جي سختيءَ سان مذمت ڪرڻ گهرجي، ماڻهو کي پنهنجين ذاتي رنجشن جي موٽ ۾ ملڪي سلامتيءَ سان هٿ چراند نه ڪرڻ گهرجي. آصف علي زرادريءَ ته پنهنجي گهر واري ۽ پاڪستان جي انتهائي مقبول اڳواڻ جي قتل تي به پاڪستان کپي جو نعرو هنيو پر هي ڪهڙي قسم جو وزير اعظم آهي جيڪو ٽي دفعا وزير اعظم هجڻ باوجود محض ڪرپشن جي الزامن تي وزير اعظم جي عهدي تان هٽائڻ تي رياست جي خلاف بيان ڏئي رهيو آهي ۽ هندستان کي خوش ڪري رهيو آهي؟، مان ذاتي طور تي ۽ سموري پيپلز پارٽي نواز شريف جي اهڙي بيان جي انتهائي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ ٻئي طرف اوهان اهو به ڏسو ته هڪ طرف سندس ڀاءُ ۽ مسلم ليگ جو صدر ميان شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ جي بيان جي ترديد ڪري رهيو آهي پر ميان نواز شريف پنهنجي بيان تي قائم رهڻ لاءِ واويلا ڪري دنيا کي پاڪستان ڏانهن آڱرکڻڻ جو جواز فراهم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر قيوم سومري سان ٻيون به ڪيئي ڳالهيون ڪرڻيون هيون پر وقت جي گهٽائيءَ سبب ساڻڻ گهڻيون ڳالهيون ٿي نه سگهيون.

پاڪستان ۾ حڪومت جي خاتمي ۾ فقط ڪجهه ڏينهن رهجي ويا آهن ان بعد نگران حڪومت جو دور شروع ٿي ويندو، نگران وزير اعظم جي نالن تي هاڻوڪي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي وچ ۾ طئي ٿي ويو آهي جنهن جو اعلان جلد ئي ممڪن آهي، جڏهن ته صوبن ۾ به نگران حڪومتون ٺاهڻ لاءِ سوچ ويچار جو عمل جاري آهي.

انهيءَ ڏس ۾ اسلام آباد ۾ رهندڙ سينيئر صحافي طارق عزيز مطابق پاڪستان هن وقت سياسي عدم استحڪام جو شڪار آهي تنهنڪري اهڙي نگران حڪومت جي ضرورت آهي جنهن تي سڀني جو اتفاق هُجي، هن وقت پاڪستان کي انصاف ڀرين ۽ شفاف چونڊن جي ضرورت آهي تنهنڪري اهڙن چهرن جي ضرورت آهي جن جو ماضي شفاف هُجي، اهڙن ماڻهن ۾ ٽيڪنو ڪريٽس، جج، صحافي پڻ ٿي سگهن ٿا جڏهن ته اهڙن بي داغ شخصيتن ۾ ڪيئي سياستڪار به شامل ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙا ڪيئي سياستڪار ضرور هوندا جن جو ماضي بي داغ هجي ۽ سٺي ڪردار جا مالڪ هجن اهڙن سياستدانن کي پڻ نگران حڪومتي سيٽ اپ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي ماڻهو پنهنجي نگرانيءَ ۾ شفاف چونڊون ڪرائي حڪومت ايندڙ ڪامياب پارٽي ۽ سياستدانن کي منتقل ڪري سگهن.

طارق عزيز مطابق سنڌ ۾ به ڊاڪٽر قيوم سومري جهڙن سياستدانن کي پڻ اهم ذميواريون ڏيڻ جو امڪان آهي ڇو جو هو ماضيءَ ۾ مذهبي ڇڪتاڻ  ختم ڪري مذهبي رواداري قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اداڪري چڪو آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پڻ اهڙن ماڻهن کي نگران حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جن جو ماضي بي داغ هُجي ۽ ماڻهن کي پڻ مٿن اعتماد هُجي ته هو پڪ سان شفاف چونڊون ڪرائيندا.

ٻئي طرف جاپان ۾ پڻ سياسي عدم استحڪام سبب ڪنهن به وقت حڪومت جي تبديليءَ جو امڪان آهي. هاڻوڪو وزير اعظم شنزو عوام کان هڪ دفعو ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ عام چونڊن جو اعلان ڪري ته جيئن هڪ نئين ۽ پر اعتماد ووٽ سان وري اقتدار ۾ واپس اچي ۽ عوام سان ڪيل واعدا جن ۾ آئين ۾ ترميم ڪرڻ جهڙا اهم واعدا پڻ شامل آهن. جاپان ۾ ادارا ايترا ته مضبوط ٿي ويا آهن جو حڪومت جي خاتمي بعد مدو پورو ڪيل وزير اعظم ئي نگران وزير اعظم هوندو آهي ۽ شفاف چونڊون ڪرائيندو آهي، جاپان ۾ چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿيڻ جا واقعا يا الزام نه هجڻ جي برابر هوندا آهن، جڏهن ته عوام کي پنهنجي اليڪشن ڪميشن تي ايترو اعتماد هوندو آهي جو عوام کي اها پڪ هوندي آهي ته اليڪشن ڪميشن جيڪي به چونڊون ڪرائيندي ان ۾ ڌانڌليون نه هجڻ جي برابر هونديون.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙي ملڪ ۾ چوندون پهريان ٿين ٿيون ۽ ڪٿي نئين حڪومت اچي ٿي، پر هتي پاڪستان ۾ ميان نواز شريف جي ممبئي بم ڌماڪن بابت بيان ميڊيا ۾ سندس پارٽيءَ ۽ سندس خود جي ساک کي به ميڊيا ۽ سرڪاري سطح تي متاثر ڪيو آهي ۽ تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته نواز شريف پنهنجي اهڙي بيان بعد چونڊن ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا نه.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تبديلي واري سرڪار ۽ آپگهاتي فيصلا

علي محمد ميمڻ ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام سان ڀريل جهاز، تبديلي سرڪار جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے