17 بدھ , اکتوبر 2018

نواز اسٽيبلشمينٽ تڪرار جا پاڪستان تي پوندڙ اثر

اقبال ملاح

ڪنهن پئي ڄاتو ته پاڪستان جي تاريخ جي بدترين فوجي آمريت وارن ڏينهن ۾ آمر جنرل ضياءُالحق جي آشرواد سان سياست جي ميدان ۾ داخل ٿيندڙ اسٽيبلشمينٽ جو ان وقت جو وڏو حامي ۽ سهڪاري نواز شريف اڄ جي بدلجندڙ ملڪي ۽ عالمي صورتحال کانپوءِ ”نظرياتي ٿي ويندو“ ۽ هو اسٽيبلشمينٽ خلاف ان لهجي ۾ ڳالهائيندو جنهن لهجي ۾ ضياءَ جي آمريت وارن ڏينهن ۾ بيگم نصرت ڀٽو ڳالهائيندي هئي ۽ هو جمهوريت، جمهوري ادارن ۽ ووٽ جي تقدس جي ڳالهه ڪندو.

نواز شريف جي انگريزي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ ممبئي حملن بابت ڪيل ان ڳالهه ته ”انتهاپسند تنظيمون اڃا به سرگرم آهن، انهن غير رياستي عنصرن کي ڇا اها اجازت ڏيڻ گهرجي ته اهي سرحد پار ڪري ممبئي ۾ ڏيڍ سئو ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏين؟ مون کي ان جي وضاحت ڏيو ته آخر اسان ان ڪيس جي ٽرائل کي اڃا تائين حتمي شڪل ڇو نه ڏني آهي؟. اها شي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي، آئون ان لاءِ وڙهي رهيو آهيان، صدر پيوٽن به اها ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ صدر زي به اهو ئي چئي رهيو آهي.“ کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ نواز شريف وچ ۾ اهو ٽڪراءُ سڌي طرح ته اڀري سامهون ضرور آيو آهي، پر سچ ته نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ معاملا ته اڳ ئي خراب ٿي چڪا هئا.

نواز شريف کي وزارت عظميٰ واري عهدي تان هٽايو ته ڪرپشن جي ڪري ويو آهي ۽ هو عدليا جي نظر ۾ صادق ۽ امين نه رهڻ کانپوءِ پنهنجي مسلم ليگ(ن) جي صدارت به وڃائي ويٺو آهي ۽ نواز شريف جو چوڻ آهي ته اهڙن سمورن فيصلن پويان خلائي مخلوق جو هٿ آهي ۽ هو اهڙن سمورن فيصلن جي نتيجي ۾ پاسائتو ٿي ويهڻ بجاءِ سياسي ويڙهاند ۾ هليو ويو آهي. هو ان خلائي مخلوق خلاف سخت ٻولي ڳالهائي پنجاب کي جاڳائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ نواز شريف جي جلسن ۾ اهڙا نعرا لڳن ٿا، جن کي اسان سنڌ ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو هو، ان سموري صورتحال ۾ پيپلزپارٽي نواز شريف جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ خاموش آهي.

منهنجي نظر ۾ دراصل پ پ پ نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هلندڙ جهيڙي جو سياسي فائدو وٺڻ گهري ٿي. جڏهن ته پي ٽي آءِ سنئون سڌو اسٽبلشمينٽ سان گڏ هڪ پيج تي بيٺل نظر اچي رهي آهي ته جيئن عمران خان اسٽيبلشمينٽ لاءِ قبولڻ جوڳو بڻجي سگهي. مون ويجهڙ ۾ ئي سوشل ميڊيا تي ڪنهن پرڏيهي اخبار جو شيئر ٿيل دلچسپ ڪارٽون ڏٺو هو، جنهن ۾ هڪ ووٽر مسلم ليگ(ن) جي بيلٽ باڪس ۾ ووٽ وجهي رهيو هو ۽ هڪ ٻاهرئين هٿ ان ووٽر کي روڪي ورتو هو ۽ پاسي ۾ ئي ٻيو بيلٽ باڪس پي ٽي آءِ جو پيل هو.

پاڪستان جي اندر جمهوري ۽ غير جمهوري قوتن وچ ۾ ٽڪراءُ جي ڪهاڻي ڪا نئين ناهي. خود اصغر خان ڪيس جي آيل فيصلي ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ڪيئن پيپلزپارٽيءَ کي 1990ع جي چونڊن ۾ شڪست ڏيڻ لاءِ نواز شريف ۽ ٻين کي پيسا ڏنا ويا هئا، نواز شريف ته عمران خان جي انهن الزامن کي به منهن ڏئي رهيو آهي ته 2013ع جي اليڪشن ۾ به سگهارن هٿن نواز شريف کي پنجاب ۾ اليڪشن کٽرائڻ لاءِ اڳتي وڌي مدد ڪئي هئي، جنهن جي ترديد پڻ ٿي چڪي آهي. جڏهن سياستدان پنهنجيون ڳجهڙيون ڳالهيون منظر تي آڻين ٿا ته چونڊن جي نتيجن جون لڪل سڀ ڪهاڻيون ظاهر ٿيو پون.

جڏهن اسان مسلم ليگ(ن) جي سربراهه نواز شريف ۽ اسٽبلشمينٽ جي وچ ۾ ٽڪراءُ تي ڪو تبصرو يا تجزيو ڪيون ٿا ته ان وقت اها ڳالهه اسان کي نه وسارڻ گهرجي ته هي جهيڙو ملڪ ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هلندو پيو اچي ها ! هن دفعي صورتحال بنهه نئون رُخ ان ڪري ورتو آهي ته پاڪستان جي وڏي سياسي جماعت مسلم ليگ(ن) جي قيادت ڪندڙ سربراهه جو واسطو پنجاب سان آهي ۽ هو پاڪستان جي ان صوبي ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف عوامي رد عمل پيدا ڪري رهيو آهي، جنهن صوبي ۾ ملڪ جي سياسي تقدير جو فيصلو ڪندڙ سگهارين قوتن جي اڪثريت رهي ٿي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو هزارين ماڻهن جي جلسن ۾ اسٽيبلشمينٽ، ڪنهن فرد يا اداري جو نالو کڻڻ کانسواءِ نواز شريف جي نياڻي مريم نواز اسٽيج تان نعرا هڻائي ٿي ۽ هزارين هٿ کنيل هجن ٿا.

نواز شريف جي بيان کانپوءِ مسلم ليگ(ن) سخت دٻاءَ جو شڪار آهي، چوڏهين مئي تي قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت ممبئي حملن بابت نواز شريف جي بيان کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي. مسلم ليگ(ن) سان واسطو رکندڙ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي پارٽي سربراهه جي پاسي ٿي بيٺو آهي ۽ هو چوي ٿو ته نواز شريف کي ڪنهن کان به حب الوطني جو سرٽيفيڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي، پر هي پهريون دفعو آهي جڏهن پنجاب سان واسطو رکندڙ اڳوڻي وزيراعظم کي غداريءَ وارو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو هجي ۽ قومي اسيمبلي جهڙي فلور تي هي نعرا لڳا آهن ته ”نواز شريف موديءَ جو يار آ، غدار، غدار آ“ هي جهيڙو اڃا وڌڻو آهي، نواز شريف هڪ وک به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نواز شريف چيو آهي ته ”پهريان پنهنجي گهر کي بهتر ڪيو وڃي، آئون ٽي دفعا وزيراعظم رهي چڪو آهيان، آئون گهڻو ڪجهه ڄاڻان ٿو، منهنجو خيال آهي ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته کير جو کير ۽ پاڻيءَ جو پاڻي ٿيڻ گهرجي“ ساڳيءَ ريت هن قومي ڪميشن ٺاهڻ جي گُهر ڪئي آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وري پارلياماني ڪميشن جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

پاڪستان اندر هي بحران ان ڪري به اڻٽر هو جو سرد جنگ واري زماني ۾ پاڪستان کي پرڏيهي طاقتن سوويت يونين خلاف پنهنجي مورچي طور استعمال ڪيو هو ۽ آمريڪا نواز جهادين جي نظرياتي فيڪٽرين ۾ پيدا ٿيندڙ هزارين جهادي هاڻ پڪا پختا ٿي هڪ مضبوط ڌر طور منظر تي آيا آهن. پاڪستان جي سماج جي لاءِ نه رڳو اهي رجعت پرست قوتون نقصان ڏيندڙ آهن، پر هيستائين ضياءُالحق جي سوچ به ختم ناهي ٿي ۽ اها سوچ پاڪستان جي لبرل، روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪري ڌارا کي اڳتي وڌڻ نٿي ڏئي. تنهن ڪري هاڻ جڏهن ملڪي ۽ عالمي حالتون ضياءُالحق جي رجعت پرست سوچ جي ابتڙ ٿي ويون آهن، تنهن ڪري بدلجندڙ نين حالتن ۾ پاڪستان جي سياسي توڙي غير سياسي قوتن کي روشن خيال، ترقي پسند، سيڪيولر ۽ لبرل سوچ سان گڏ بيهڻو پوندو. اسان کي پنهنجو Narrative تبديل ڪرڻو پوندو.

هتي رڳو مسئلو نواز شريف جو ناهي، هي مسئلو پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن طبقن، اڪاين ۽ ماڻهن جو آهي، تنهن ڪري ڪميشن جو دائرو رڳو نواز شريف جي تازن بيانن ۽ الزامن جي جاچ تائين نه هجڻ گهرجي. ڪميشن ۾ نه رڳو پارليامينٽ پر پاڪستان ۾ شامل چئني وحدتن جي قومي دانشورن ۽ ٽيڪنوڪريٽس کي به شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اها ڳالهه واضح ٿي سگهي ته پاڪستان ۾ بنياد پرستي جو ٻج ڪنهن ڇٽيو، ڪهڙن مقصدن لاءِ ڇٽيو، ان جا متاثر ڪير ٿيا ۽ فائدو ڪهڙي ڌر، فرد يا طبقي کي پهتو.

منهنجو ذاتي خيال هي آهي ته پاڪستان هاڻي اهو ناهي رهڻو جنهن کي ضياءُالحق جي سوچ تحت هلايو پيو وڃي. عالمي ۽ ملڪي طور تي اسان جي سلامتي نئين Narrative ۾ آهي ۽ پاڪستان ۾ شامل سمورين اڪاين جي مدد، شموليت ۽ اعتماد سان سائنسي علمن، فلسفي، ترقي پسند فڪر ۽ سوچ جي ذريعي ئي نئين پاڪستان جا بنياد رکي سگهجن ٿا. تنهن لاءِ ضروري آهي ته اڄ جي حالتن ۾ اسان کي بنگلاديش کي ماڊل طور سامهون رکجي، بنگلاديش جو جنم اسان مان ئي ٿيو هو، اسان گڏ آزاد ٿيا هئاسين ۽ اسان کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ وڏن حادثن ۽ تجربن کي ڀوڳيندي اڄ ان بنگلاديش جو نالو پيپلز ريپبلڪ آف بنگلاديش آهي.

مون سائين جي ايم سيد جي 1952ع ۾ ويانا ۾ ٿيندڙ عالمي امن ڪانفرنس ۾ ڪيل اها تقرير پئي پڙهي جنهن ۾ هو پاڪستان جي نمائندي جي حيثيت ۾ وفد جي اڳواڻ طور شريڪ ٿيو هو، هن تنهن ڪانفرنس ۾ ئي عالمي طاقتن کي مخاطب ٿيندي انهن نظرياتي تضادن جي ڪهاڻي ڏسي هئي، جن عالمي تضادن ۽ مفادن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بنياد پرستيءَ کي نه رڳو اسان منهن ڏئي رهيا آهيون، پر وڌندڙ بنياد پرستيءَ ڪري اسين عالمي طور تي اڪيلا به ٿي ويا آهيون. جي ايم سيد جهڙن سياستدانن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ بجاءِ غدار قرار ڏنو ويو هو. اها سياسي طرح ان وقت جي حاڪمن جي هڪ وڏي غلطي هئي، پر هاڻ ٻيهر ان جو ورجاءَ نه ٿيڻ گهرجي.

تاريخ شاهد آهي ته جڏهن پاڪستان اندر کاٻي ڌر سيڪيولر، لبرل ۽ روشن خيال پاڪستان جي ڳالهه ڪندي هئي ته کين وقت جي حڪومتن جي عذاب کي منهن ڏيڻو پوندو هو. فيض جي نغمن تي بندش هئي، اياز جا گيت ڏوهاري هئا ۽ هو جيلن جي سلاخن جي پٺيان ويهي به انسان جي آزادي جا نظم لکندو رهيو، هڪ دور هو جو گذري ويو، پر هاڻ اسان کي سائنس ۽ فلسفي جي بنياد تي نئين ۽ ترقي پسند پاڪستان جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ۽ اها فقط ڳالهه نه هجي، پر ان تي عمل به ٿيڻ گهرجي.

مون سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي انگريزي ۾ تقرير پئي ٻڌي، جنهن جو هي ترجمو هو ته “جهاد جي هاڻ معاشري ۾ ڪا به جاءِ ناهي رهي، جهاد جي نالي تي هڪ وڏي طبقي کي انتهاپسند بڻايو ويو، پوءِ کين هٿيار ڏئي نظرياتي ۽ سياسي طور تي مضبوط ڪيو ويو، اسان هاڻ کين ائين نٿا ڇڏي سگهون. جيڪو فصل اسان 40 سال پهريان پوکيو هو اهو هاڻ لڙي رهيا آهيون“.

ڳالهه رڳو نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هلندڙ تضاد جي ناهي، جڏهن اسان ماضيءَ جي سوچ، پاليسين ۽ نظرياتي سياسي غلطين جي ڳالهه ڪيون ٿا يا پاڻ کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا ته اها تبديلي رڳو بيانن ذريعي نه ايندي، اسان کي ويهي قومي ايجنڊا طور ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائي ويندڙ نصاب کان وٺي سياست تائين اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جن سان ترقي پسند فڪري ڌارا جو اڳتي وڌڻ ممڪن نٿو بڻجي. نصاب کان وٺي پارليامينٽ تائين ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر ويٺل جيڪي به فيصلو ڪندڙ سگهاريون قوتون آهن کين نئين ۽ روشن خيال ترقي پسند پاڪستان لاءِ هڪ پيج تي اچڻ گهرجي، اهڙو پاڪستان جنهن ۾ شامل چارئي اڪايون پاڻ کي محفوظ سمجهن.

نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هلندڙ هي ٽڪراءُ يقينن ڪنهن سياسي شڪل کي جنم ڏيندو ۽ ان جا اثر عام چونڊن تي به پوڻا آهن، مائنس ۽ پلس فارمولي تي ڪم هلندڙ آهي، پر منهنجي نظر ۾ چونڊ نتيجن کان وڌيڪ اهم ڳالهه Narrative جي آهي، اسان کي پراڻ پسندي واري سوچ مان، فڪر ۽ نظريي مان جان آجي ڪرائڻ گهرجي ته جيئن اسين باوقار نموني سان ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر زندگي گذاري سگهون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تبديلي واري سرڪار ۽ آپگهاتي فيصلا

علي محمد ميمڻ ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام سان ڀريل جهاز، تبديلي سرڪار جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے