22 پیر , اکتوبر 2018

نواز شريف خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد

No type of deal is available, I will not make rules on principles: Nawaz Sharifلاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ واري پاڪستان عوامي تحريڪ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ممبئي حملن بابت بيان خلاف پاڪستان عوامي تحريڪ پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي. جسٽس شمس محمود مرزا درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ان کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ درخواستگذار کي پهريان لاڳاپيل فورمن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے