22 پیر , اکتوبر 2018

شڪارپور ڀرسان عورت ۽ سندس ٽن ٻارڙن جا ٻوريءَ بند لاش هٿ

شڪارپور(ويب ڊيسڪ)شڪارپور ڀرسان گهر ٻاهريان عورت ۽ ان جي ٽن ٻارڙن جا ٻوري بند لاش هٿ آيا آهن، مقتولا جي مڙس قتل جو الزام پنهنجي ڀائرن مٿان مڙهي ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق شڪارپور جي نيوفوجداري جي رهواسي علي نواز جي گهر واري ۽ ٽن ٻارڙن جا ٻوري بند لاش گهر کان ٻاهريان مليا آهن. مقتولن ۾ علي نواز جي گهر واري زليخان، 26 ورهين جي ڌيءُ فرزانه، 6 ورهين جو ساجد ۽ 8 ورهين جو ڪاشف شامل آهن، جن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال نيا ويا آهن. علي نواز مطابق ان جي ڀائرن محمد نواز ۽ شاهنواز اڱارو 15 مئي تي ان جي زال ۽ ٻارڙن کي اغوا ڪيو، پر پوليس اطلاع ڏيڻ باوجود ڪا ڪارروائي نه ڪئي. ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته جوابدار محمد نواز، ان جي گهر واري ۽ پٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق شروعاتي جاچ مان لڳي ائين رهيو آهي ته معاملو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے