17 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز | دولتپورصفن: پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

دولتپورصفن  ۾ قاضي احمد پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل  نوجوان جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

قومي عوامي تحريڪ، جسقم، تبديلي پسند پارٽي ۽ جوکيا برادري جي سوين ماڻهن  ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مجتبىٰ جوکيو، قربان جوکيو، رحمان جوکيو ۽ ٻين ميڊيا آڏو  داهيندي چيو تھ پنج ڏينهن اڳ ايس ايڇ او  قاضي احمد شاگرد سجاد جوکيو کي کنڀي مٿس تشدد ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.

هنن چيو تھ ايس ايڇ او ڪيس تان هٿ کڻڻ  لاءِ  ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي،  جڏهن تھ پوليس پٽي ڀائي سان ٻٽ بڻيل هجڻ ڪري ڪابھ ڪارروائي نھ ڪئي آهي.

احتجڪاج ڪندڙن وڌيڪ چيو تھ بيدردي سان قتل ٿي ويل نوجوان سجاد علي جوکيو جا وارث غريب ۽  بي پهچ آهن، جنهن ڪري خدشو آهي تھ  سندن خون لوڙهيو ويندو.

هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او قاضي احمد خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | سانگهڙ: سانگهڙ زلمي اليون مخدوم امين فهيم ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو

سانگهڙ ڀرسان سانگهڙ زلمي اليون مخدوم امين فهيم ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل کٽي ورتو. شاهپور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے