17 بدھ , اکتوبر 2018

ڪرنل جوزف کي سفارتي ڇوٽ هئي جيڪو واپس هليو ويو آهي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستاني سفارتڪار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽيندڙ آمريڪي سفارتڪار کي ڇوٽ حاصل هئي جيڪو واپس هليو ويو. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته آمريڪي سفارتڪار ڪرنل جوزف جي حوالي سان خون بها جي معاملي جي کيس ڄاڻ نه آهي. هن چيو ته 15 مئي تي آڱاري ڏهاڙي آزاد ڪشمير جي علائقي تتا پاني ۾ ڀارت بنا جواز فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پاڪستاني شهري شهيد ٿي ويو، گذريل ڏينهن ڀارت جي وقتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ايل او سي جي ڀڃڪڙي تي طلب ڪري احتجاج ڪيو ويو. هن چيو ته هلندڙ سال هن وقت تائين ڀارتي فوج 1000 کان وڌيڪ ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري جي ڀڃڪڙي ڪري چڪي آهي،  جنهن جي نتيجي ۾ 24 شهري شهيد ۽ 107 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. هن چيو ته ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ حريت قيادت کي غير قانوني طور قيد رکڻ جي مذمت ڪريون ٿا، حريت اڳواڻن 19 مئي تي سرينگر کان لال چوڪ طرف مارچ جي ڪال ڏني آهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت مان به والاريل ڪشمير جي حوالي سان آواز اٿي رهيا آهن، شوپيان ۾ گذريل مهيني 40 کان وڌيڪ شهادتون ٿيون، فيض احمد فيض جي نياڻي منزه هاشمي کي ڀارت گهرائي هيسائڻ ۽ خطاب ڪرڻ نه ڏيڻ مذمت جوڳو عمل آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڀارت جي اندروني سياست ۾ فائدي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، ڀارتي ميڊيا پاڪستان جي حوالي سان غير معمولي طور فعال هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان اسرائيل هٿان فلسطينين جي قتل عام جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي، آمريڪي سفارتخانو تل ابيب منتقل ڪرڻ تي ترڪي او آءِ سي جو اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغانستان، پاڪستان ۽ چين ۾ امن ۽ ٻڌي تي ڳالهيون ٿيون آهن، پاڪستان، ايران ۽ عالمي طاقتن جي ٺاهه جي حمايت ۽ ايران تي هڪ طرفي پابندين جي مخالفت ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته انڊونيشي صدر جي آڇ تي اسان جي عالمن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انڊونيشيا ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، آمريڪا ۾ نامزد پاڪستاني علي جهانگير صديقي جو ايگريمو اچي چڪو آهي، سندس وڃڻ جي پروگرام بابت ڪابه ڄاڻ ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے