17 بدھ , اکتوبر 2018

نوشهره ۾ فورسز جي گاڏي تي آپگهاتي حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

نوشهره ( ويب ڊيسڪ ) نوشهره ۾ ڪچهري روڊ تي آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته 14 ماڻهو زخمي ٿي پيا. موٽرسائيڪل تي سوار دهشتگرد ڪچهري روڊ تي سڪيورٽي اهلڪارن جي گاڏيءَ ڀرسان پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته ٽن سڪيورٽي اهلڪارن سميت 14  ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڊي پي او نديم بخاري موجب آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي جڏهن ته زخمين کي طبي امداد لاءِ سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو آهي. سڪيورٽي فورسز موجب حملي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي شڪي ماڻهن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے