22 جمعرات , نومبر 2018

نوابشاهه: 5 ورهين جي نينگري ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) نوابشاهه ويجهو 5 ورهين جي  نينگري ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.تاج ڪالوني ريلوي ڦاٽڪ وٽ 5 ورهين جي نينگري جويريا لغاري ٽرڪ هيٺان اچي فوت ٿي وئي .نينگر پنهنجي ڀاءُ نظير سان گڏ موٽر سائيڪل تي وڃي رهي هئي ته موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ڪري پئي ۽ مٿس ٽرڪ چڙهي وئي .فوتي نينگري جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو نينگري جو لاش گهر پهچڻ ٽي ڪهرام مچي ويو .ٻئي طرف اي سيڪشن پوليس ٽرڪ ڊرائيور عارف رند کي گرفتار ڪري ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي جڏهن ته واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ رشوت کان سواءِ واپار ڪرڻ ڏکيو آهي: سنڌ جو گورنر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان ۾ بنا رشوت جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے