17 بدھ , اکتوبر 2018

نيب جو چونڊن سان ڪو واسطو ناهي: جاويد اقبال

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته اسان جو چونڊن اڳ ۾ يا پوءِ ٿيڻ سان ڪو واسطو ناهي، نيب ”احتساب سڀني لاءِ“ جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي. راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب جي پهرين ترجيح هائوسنگ سوسائٽين ۽ بئنڪ فراڊ ذريعي ڦريل رقم هٿ ڪرڻ آهي، نيب راولپنڊي جي مختلف ادارن مان لڳ ڀڳ 11 ڪروڙ هٿ ڪري متاثرن کي واپس ڪري رهيو آهي، بدعنوان عنصرن کان 296 ارب رپيا هٿ ڪري متاثرن ۾ ورهائي چڪا آهيون. هن چيو ته 7 مهينن ۾ 226 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان عرصي دوران 217 ڄڻن خلاف بدعنواني ريفرنس داخل ڪيا ويا، اشتهارين کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو. سندس چوڻ هو ته نيب جو چونڊن کان اڳ ۽ پوءِ سان ڪو واسطو ناهي، اسان ”احتساب سڀني لاءِ“ جي پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے