21 بدھ , نومبر 2018

نيوز | بدين: جروار جي رھواسڻ ناري ساهرن جي ظلمن کان تنگ ٿي مائٽن وٽ پناھ ورتي

بدين  ويجهو ڳوٺ رسول بخش جروار جي رھواسڻ ناري مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي مائٽن وٽ پناھ وٺي ڇڏي .

ناري پاڻ سان ٿيندڙ ظلمن کان تنگ ٿي ايس پي بدين اڳيان پيش ٿي انصاف لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي.

ان موقعي تي ناري ٻڌايوته سندس  مڙس سھري ۽ سس زھر ڏنو، حالت خراب ٿيڻ  تي مائٽن ڊگھڙي اسپتال داخل ڪرايو.

هن چيو تھ  واقعي جو ڪيس  ٽنڊو غلام علي ٿاڻي تي داخل ڪرايو  پر پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي نھ ٿي.

ناري ايس پي بدين عرفان علي سمون کي درخواست ڏيندي ان ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته شھباز، مددعلي،  پروين، مختيارعلي ۽ مسمات نوران جروار جان سان  مارڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: کپري: جشن ميلاد النبي صه جو ڏهاڙو عقيدت سان ملهايو ويو

کپري ۾ مذهبي پارٽين پاران جشن ميلاد النبي جي ولادت جو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے