17 بدھ , اکتوبر 2018

سنڌ پوليس حفاظتي انتظامن لاءِ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سمورن صوبن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ جديد ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم جو افتتاح ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم جو افتتاح ڪيو، جتان پوليس موبائلن ۽ ٿاڻن ۾ لڳل ٻين ڪئميرائن کي مانيٽر ڪيو ويندو. ان حوالي سان سينٽرل ضلعي جي ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان جو چوڻ هو ته 23 ٿاڻن جي پوليس موبائلن ۾ هاءِ ٽيڪ ڪئميرائون لڳايون ويون آهن، جن کي ڪنٽرول روم مان مانيٽر ڪيو ويندو. اها ڪئميرائون ٿاڻن اندر لاڪ اپ، ڊيوٽي رومز ۽ ٻين مختلف هنڌن تي به لڳايون ويون آهن، ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم تان هدايتون به ڏئي سگهجن ٿيون، ان سان گڏوگڏ رمضان المبارڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ مارڪيٽن ۽ مسجدن جي ڀرپاسي ۾ لڳ ڀڳ 23 هزار اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته رينجرز اهلڪار پڻ سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏئي رهيا آهن. شهر جي مختلف هنڌن تي ترقياتي ڪمن سبب ٽريفڪ جو مسئلو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ 18 سئو اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے