15 ہفتہ , دسمبر 2018

ٽرمپ جهڙو دوست هوندي دشمن جي ڪهڙي ضرورت آهي: يورپي ڪائونسل سربراهه

صوفيا (ويب ڊيسڪ) يورپي ڪائونسل جي سربراهه ڊونلڊ ٽسڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. بلغاريا ۾ هڪ اجلاس دوران ٽسڪ چيو ته جنهن جا ٽرمپ جهڙا دوست هجن، ان کي دشمن جي ڪهڙي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته ايران سان طئي ٿيل جوهري معاهدي کانسواءِ ايلمونيم ۽ اسٽيل تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري معاملي ۾ يورپي يونين کي اتحاد ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊونلڊ ٽسڪ چيو ته يورپ کي اقتصادي، سياسي ۽ عسڪري شعبن ۾ لازمي طور تي متحد ٿيڻ گهرجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايف آءِ اي جو نيشنل اسپتال تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي نيشنل اسپتال تي ڇاپو هڻي سمورو رڪارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے