23 منگل , اکتوبر 2018

رپورٽ: شڪارپور: فهد منگي جي علاج لاءِ 80 لک رپيا چندو گڏ

اسلام آباد جي اسپتال ۾داخل شڪارپور واسي بيمار نوجوان فهد منگي جي علاج لاءِ نوجوانن ۽ شاگردن 80 لک رپيا چندو گڏ ڪري ورتو آهي.

جيري جي خطرناڪ بيماري سان جهيڙيندڙ فهد منگي جي علاج تي هڪ ڪرڙو رپيا خرچ ايندو، رقم گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ نوجوان شاگرد چندو گڏ ڪري رهيا آهن.

هوڏانهن ناليواري فنڪارا صنم ماروي شڪارپور پهچي نوجوان شاگرد جي علاج لاءِ چيئريٽي شو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن چندي طور رقم ڏني، ۽ صنم ماروي مليل 10 لک رپيا شاگرد جي علاج لاءِ جمع ڪرايا.

ان موقعي تي صنم ماروي قومي گيت پيش ڪري ماڻهن کي موهي وڌو….

عوامي آواز ٽي وي ڳالهائيندي چندو گڏ ڪندڙن جو چوڻ هو ته شڪارپور جا نوجوان فهد منگي جي حياتي بچائڻ لاءِ پرعزم ۽ متحد آهن، شاگرد جي حياتي بچائڻ لاءِ جاکوڙ جاري رهندي…

سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ نوجوان شاگرد فهد منگي جو علاج اسلام آباد ۾ هلندڙ آهي، سندس جيرو تبديل ڪرڻ لاءِ اڄ ڊاڪٽرن جو هڪ خاص بورڊ ويهندو…

شاگرد فهد منگي جي حياتي بچائڻ لاءِ سندس ماسات وقاص پنهيار پنهنجو جيرو ڊونيٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے