15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪراچي ۾ 25 سالن کان گاڏيون ڦُريندڙ انتهائي گهربل ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪار لفٽنگ سيل 25 سالن کان گاڏيون ڦريندڙ ۽ چوري ڪندڙ انتهائي گهربل ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي اينٽي ڪار لفٽنگ سيل اسد رضا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪار لفٽنگ ۾ انتهائي گهربل قطب الدين مندراڻي عرف حاني پاڪستاني کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار پيءَ ۽ ڀاءَ سان گڏ ڪار لفٽنگ ۾ ملوث هو. سندس چوڻ هو ته جوابدار، سندس پيءُ ۽ ڀاءُ 25 ورهين کان ڪراچي ۾ وارداتون ڪري رهيا هئا، اهو گروهه ڪراچي ۾ 15 سئو گاڏيون ڦُرڻ ۽ چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهي. اسد رضا موجب جوابدار چوري جون گاڏيون خريد ڪرڻ ۾ به ملوث آهي، هو گاڏيون ساڍن ٽن کان ساڍن ستن لکن ۾ خريد ڪندو هو ۽ هڪ کان ڏيڍ لک وڌيڪ ۾ کپائيندو هو، اهو گروهه سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ منظم ڪاروبار هلائي رهي هو. هن ٻڌايو ته ڦريل گاڏين کي خاص ماڻهو بلوچستان جي ضلعي جعفر آباد پهچائيندا هئا، اتي گاڏين جون انجڻون ۽ چيسز نمبر تبديل ڪيا ويندا ها. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته جوابدار ڪوڙا ڪاغذ ۽ نمبر پليٽون ٺهرائي گاڏيون کپائيندا هئا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جي نيلام ٿيل گاڏين جي ڪوڙي رجسٽريشن جي جاچ شروع

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اينٽي ڪرپشن کاتي پاڪ فوجي جي نيلام ٿيل گاڏين جي رجسٽريشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے