16 اتوار , دسمبر 2018

شهيد ڪرنل سهيل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ ڪرنل سهيل عابد جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ سندس مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد ڪرنل جو واسطو پنجاب جي علائقي وهاڙي سان هو، جيڪو گذريل رات بلوچستان جي علائقي ڪلي الماس ۾ ڳجهي اطلاع تي ٿيندڙ آپريشن م شهيد ٿيو. شهيد جي جنازي نماز جنرل هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، سول ۽ فوجي آفيسرن توڙي سندس مائٽن شرڪت ڪئي. شهيد سهيل عابد کي بارا ڪهو ڀرسان ڳوٺ بوبري ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

انتها پسندي ۽ دهشتگردي عوام جي بدترين دشمن آهي: بلاول

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انتها پسندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے