23 منگل , اکتوبر 2018

رپورٽ: مومل جي ماڙي : رمضان جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي بجلي لوڊشيڊنگ ۾واڌ

رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو ايندي ئي مومل ماڙي ۽ ڀرپاسي ۾بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي آهي.

سيپڪو عملدارن پهرين روزي تي ئي 2 سئو کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند ڪري ڇڏي جنهن سبب روزيدارن کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو جڏهن ته بجلي بندش سبب ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

شهرين سراج احمد، نظير احمد، مهراڻ سنڌي ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سخت گرمي ۾ بجلي بند هجڻ ڪري گهرن ۾موجود عورتون توڙي معصوم ٻارڙا عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن…ايس او ٽي…

شهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته سحري توڙي افطاري ۾ به بجلي بند ڪئي پئي وڃي، سيپڪو خانپور مهر جي عملدارن حڪومت جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو آهي.

رهواسين چيف جسٽس سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سيپڪو عملدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري بجلي بحال ڪرائي وڃي.

يونس ڀٽو عوامي آواز ٽي وي مومل جي ماڙي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …