16 اتوار , دسمبر 2018

ڪوئيٽا ۾ ايف سي مددگار سينٽر تي حملو، جوابي ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي 31 سروي ۾ فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي مددگار سينٽر تي دهشتگردن حملو ڪيو جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر جوابي ڪارروائي ۾  5 دهشتگرد مارجي ويا . ڪوئلي ڦاٽڪ ۽ چمن هائوسنگ سوسائٽي اسڪيم وچ ۾ موجود ڪوئيٽا جي حساس ترين علائقي ايڪٽيهه سروي ۾ ڪيترن ئي ڌماڪن جو آواز ٻڌو ويو، جنهن کانپوءِ فائرنگ جو سلسلو به شروع ٿي ويو. حملي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري علائقي جو گهيرو ڪري ورتو ۽ جوابي فائرنگ ۾ 5 آورن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته پاڪ فوج جا دستا پڻ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايف سي جي مددگار سينٽر پهتا. ڌماڪن سان ويجهن گهرن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ ڪجهه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايف سي مددگار سينٽڙ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي 5 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. ترجمان موجب دهشتگرد ظاهري طور افغاني لڳي رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي پبلڪ اسڪول جهڙي حملي جو خدشو، سڪيورٽي الرٽ جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل سڪيورٽي الرٽ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے