16 اتوار , دسمبر 2018

ڪنهن به جوان جي شهادت کانپوءِ مون لاءِ رات گذارڻ ڏاڍي ڏُکي هوندي آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته جڏهن به منهنجو ڪو جوان شهيد ٿيندو آهي ته ائين لڳندو آهي، ڄڻ منهنجي جسم جو هڪ حصو جدا ٿي ويو هجي، اها رات گذارڻ مون لاءِ ڏاڍي ڏکي هوندي آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ڪرنل سهيل کي اسلام آباد ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا شهيد ڪرنل جي پٽ سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ڀاڪر پاتو. آرمي چيف جو چوڻ هو ته جڏهن ته منهنجو ڪو جوان شهيد ٿيندو آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ منهنجي جسم جو هڪ حصو جدا ٿي ويو هجي، اها رات گذارڻ مون لاءِ ڏاڍي ڏُکي هوندي آهي پر ان باوجود اسان پنهنجي وطن جي بچاءَ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ جي صلاحيت ۽ عزم رکون ٿا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

انتها پسندي ۽ دهشتگردي عوام جي بدترين دشمن آهي: بلاول

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انتها پسندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے