17 بدھ , اکتوبر 2018

نئون چونڊ دنگل ۽ سنڌ ۾ پ پ لاءِ چئلينج

منصور کوکر

موجوده وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون تيزيءَ سان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ طرف وڌي رهيون آهن، ۽ هاڻ سندن اقتدار واري هاڻوڪي مدي جا باقي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏينهن بچيا آهن، 5 سالن دوران عوام سان ڪيل واعدا پاڙڻ بدران قومي وسيلن جي لٽ مار ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کٽڻ ۾ مصروف رهندڙ مسلم ليگ ن، پاڪستان پيپلز پارٽي توڙي پاڪستان تحريڪ انصاف سميت اقتدار ۾ حصو پتي رکندڙ سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي حڪومتي دور کي ملڪ ۽ صوبن جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو دور سڏيندي اهي دعوائون ڪندي ٿڪجن نه پيون ته هو پنهنجي شاندار ڪارڪردگيءَ آڌار چونڊ وڙهنديون، پر سندن ڪارڪردگي عوام آڏو پڌري پئي آهي، جنهن ۾ هر طرف بک، بدحالي، بي روزگاري، گند ڪچري جا ڍير، ڀڳل ٽٽل رستا، کنڊر بڻجي ويل فوٽ پاٿ، پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي، مهانگائيءَ جو طوفان، لاقانونيت، نا انصافيءَ جو راڄ، خوراڪ جي کوٽ سبب سوين ٻارڙن جو موت، جهالت، سماجي اڻ برابري، وسيلن جي لٽمار، بيماريون، ڪارنهن سميت ڪڌين رسمن جي سرڪاري سرپرستي، ۽ سياست جي ڪاروبار سبب ڪک پتيءَ مان کرب پتي بڻجي ويل خوفناڪ چهرا ته نظر اچن ٿا پر ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو حقيقي روپ ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، نه اهي کير جون نديون نظر اچن ٿيون جيڪي وهائڻ جا گذريل عام چونڊن وقت سياستدانن عوام سان واعدا ڪيا هئا، نه اهي ساوا باغ ئي ڪٿي نظر آيا، جن جا خواب ڏيکاريا ويا هئا ، ويتر اهي باغ ئي سڙي ويا آهن، هاڻ انهن باغن جي سڙيل وڻن جي لامن تي ڪي ” نيرو“ ويٺا بانسري تي ”جيئي جيئي“ جا بي تڪا ڪلام ڳائي هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي ووٽ ڏيڻ لاءِ هرکائي رهيا آهن، اهو ڀلا عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟

تجزيا نگارن، مبصرن، ايتريقدر جو اعليٰ عدالتن جي ريمارڪس مان به اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته سڄي ملڪ ۾ سڀ کان خراب ڪارڪردگي جي حوالي سان سنڌ سرفهرست رهي آهي، جتي لاڳيتو 10 سال حڪومت ۾ رهڻ جو موقعو ملڻ باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي دردن جو دارون نه بڻجي سگهي، پ پ پ ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي دعويٰ ڪندي ٿڪبي ناهي، پر سنڌ ۾ هاڻوڪي حڪومت جي 5 سالن ۾ پوليس ۾ ميرٽ تي ٿيل ڀرتين کانسواءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪٿي به نوڪري نه ملي سگهي، هر بجيٽ ۾ خالي آساميون ڀرڻ جو اعلان ڪري رقمون مختص ڪيون ويون پر هڪ به ملازم ڀرتي نه ٿي سگهيو، جنهن سبب لکين بي روزگار نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي رلندي نظر اچن ٿا، پر سندن ڪو به اوهي واهي ناهي، منجهائن ڪيترا ئي عمر جي حد پوري ڪري چڪا آهن، هاڻ 15 سالن جي ڏنل رعايت به سندن ڪم جي نه رهي.

گذريل حڪومتي دور دوران 2012 ۾ جيڪي نوڪريون ڏنيون ويون ، انهن ۾ ميرٽ جو اهڙو ته جنازو ڪڍيو ويو، جنهن جو مثال سڄي دنيا ۾ نه ملندو، نوڪريون وڪڻڻ جي باقاعدي منڊي لڳل هئي، جنهن ۾ رڳو اهي ماڻهو نوڪريون وٺي سگهيا جن وٽ پئسا هئا، حد ته اها آهي ته نوڪرين لاءِ گهربل تعليمي معيار کي ته کنگهيو به نه ويو، اڄ به رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ته اڪثر ڀرتيون هر حوالي سان جعلي ئي نظر اينديون،  پر صد افسوس جو نيب ۽ اينٽي ڪرپشن به انهيءَ ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث سيد قائم علي شاهه، منظور حسين وساڻ، نرگس اين ڊي خان، پير مظهر، مڪيش ڪمار چاولا، گيانچند ايسراڻي سميت ٻين جي انڪوائري بند ڪري کين ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي.

سنڌ ۾ ترقيءَ جي دعوائن کي نسورو ڪوڙ ثابت ڪرڻ جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته پ پ جي صوبائي سرڪار 90 ارب رپين واري لاڙڪاڻو پئڪيج سان شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي کي پيرس بڻائڻ بدران کنڊرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن شهر لاءِ چوندا هئا ” هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو“ هاڻ چون ٿا ” ٿيو آن ساڻو هاڻ ڇڏ لاڙڪاڻو“، سنڌ جي راڄڌانيءَ ڪراچيءَ کي ٻيهر روشنين جو شهر بڻائڻ جون دعوائون به رڳو ڪوڙ آهن ۽ انهن ۾ ڪا به سچائي ناهي، شهر لاءِ مختص ڪيل رقم مان باغ جناح جي بحالي، ايڪڙ ٻيڪڙ روڊ رستا ۽ فلائي اوور پل يا ٻه چار انڊر پاس ٺهرائڻ ڪو وڏو ڪارنامو ناهي، شهر جي اڪثررستن جو حال اڳ کان به گهڻو برو آهي، نه ڪراچي سرڪلر ريلوي جو سپنو ساڀيان ٿيو، نه ڪي فور رٿا مڪمل ٿي نه ئي شهرين کي ٽرانسپورٽ جي فراهمي جا واعدا وفا ٿيا.

ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ واري شهر جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ  1000 ۽ 500 بسون هلائڻ  جا واعدا ڪري رڳو 10 بسون هلائڻ هڪ انتها درجي جي مذاق ناهي ته آخر ٻيو ڇا آهي، امن امان قائم ڪرڻ ۾ سنڌ سرڪار جو ڪيترو ڪردار رهيو ان ڳالهه جي سڀني کي چڱي ريت ڄاڻ آهي، رينجرس کي اختيار ڏيڻ سنڌ حڪومت جي مجبوري هئي نه ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت شهر کي گن پوائنٽ تي هلائيندڙ لسساني جماعت کي مڪمل ڇوٽ ڏئي رکي هئي ۽ اها گهڻو وقت پ پ پ حڪومت جي ويجهي اتحادي جماعت رهي آهي، جنهن جي قائد کي راضي رکڻ لاءِ هر هفتي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا مرڪزي اڳواڻ ۽ وزير بريف ڪيس کڻي لنڊن ياترا ڪندا هئا، ايتريقدر جو ان لساني جماعت جي دهشتگردن پاران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي وهايل رت به جمهوريت بهترين انتقام آهي جي نديءَ ۾ وهائي وئي، ۽ اڄ سوڌو سندن پونئيرن جي ڪنهن پارٽي اڳواڻ سار به ناهي لڌي.

اڄ سروي ڪيو وڃي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کان ايتري شڪايت شايد عوام کي به نه هجي جيتري پ پ پ جي ڪارڪنن ۾ پارٽيءَ جي ليڊر شپ لاءِ چڙ ۽ ناراضگي آهي، ان جو سبب اهو آهي جو پارٽيءَ جي اعلي قيادت جو عام ڪارڪنن سان رابطو بلڪل ناهي رهيو، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارڪن اگر بلاول ڀٽو تائين پهچي به وڃي ٿو ته کانئس ورتل درخواست ٽوڪريءَ جي نظر ٿيو وڃي، ۽ کيس رڳو پارٽي چيئرمين سان ورتل هڪ سيلفي ئي نصيب ٿئي ٿي.

اها ڳالهه هر سنڌي ماڻهوءَ جي زبان تي آهي ته  پ پ پنهنجي 10 سالن جي سرڪار دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو ۽ هز زبان تي اهو جملو به عام آهي ته هيءَ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو واري پاڪستان پيپلز پارٽي نه آهي، ڪو ان کي زرداري ليگ ته ڪوٻيو نالو ڏئي پنهنجي پنهنجي دردن جي باهه ڪڍي ٿو پر ڇا سنڌ جي ماڻهن وٽ هن ڀيري پ پ جو ڪو متبادل آهي جو ان کي ووٽ ڏئي ڪا تبديلي آڻڻ جي قابل ٿي سگهن؟ ان جو سڌو سنئون جواب اهو ئي آهي ته هن وقت سنڌ ۾ اهڙي ڪا به سياسي جماعت ناهي جيڪا هر تڪ تي پ پ سان چوٽيءَ جو مقابلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هجي، ان جو هڪ اهم سبب اهو ئي آهي ته سوشلزم جي نعري جو کٽيو کائيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ توڙي مختلف دورن جي آمريتي حڪومتن وڏيرا شاهي ، جاگيرداري، سرداري ۽ پيريءَ مريديءَ  جي نظام کي ايترو ته مضبوط ڪري ڇڏيو آهي جو ماڻهن جي وڏي گهڻائي انهن وٽ قيد ٿي رهجي وئي آهي، مٿان وري اليڪشن جو خرچ ايترو ته وڌي ويوآهي جو ڪو عام ماڻهو اليڪشن ۾ بيهڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي، اهڙي ڪا پارٽي ئي نه رهي آهي جنهن عوام کي ووٽ جي اهميت سمجهائڻ ۽ اميدوارن جي چونڊ سوچي سمجهي ڪرڻ جي سمجهاڻي ڏني هجي، هتي سڀ عوام کي بي وقوف بڻائي ووٽ وٺي اقتدار ماڻڻ لاءِ فڪرمند هجن ٿا، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جو ڪنهن کي به اونو ناهي.

موجوده صورتحال ۾ اندريئن سنڌ ۾ ڪجهه مخصوص تڪن تي ايس ڊي اي، فنڪشنل ليگ ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، ايم ايم اي  ۽ پي ٽي آءِ جا اميدوار ئي پ پ جو مقابلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهن، ان حوالي سان گهوٽڪي، دادو،  بدين، ٺٽو، نوشهرو فيروز، خيرپور، ڄامشورو، شڪارپور، ٿرپارڪر ضلعا اهم آهن، انهن مان بدين ضلعي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي وڏي جلسي سان طاقت جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته دودي جي ديس ۾ ادي ۽ اديءَ جي دال نه ڳرندي، اهو ته خير وقت ثابت ڪندو پر سندس ڪامياب جلسي مان لڳي ٿو ته هن ڀيري ڪجهه ضلعن ۾ پ پ کي سخت مقابلن کي منهن ڏيڻو پوندو، گهوٽڪيءَ جي سردار علي گوهر مهر جا تيور به ڦريل آهن، جيڪڏهن ان پ پ ڇڏي ڪنهن ٻئي پارٽيءَ کي جوائن ڪيو ته لازمي طور ان ضلعي ۾ به پ پ کي نقصان رسندو، دادوءَ ۽ نوشهرو فيروز ۾ پ پ کي لياقت جتوئي ۽ غلام مرتضيٰ جتوئي سان مقابلو ڪرڻو پوندو ته سانگهڙ، عمرڪوٽ، خيرپور ۽ ڪجهه بين علائقن ۾ ايس ڊي اي يا فنڪشنل ليگ جي نالي سان فنڪشنل ليگ يا اتحادي جماعتن جا اميدوار پ پ اميدوارن سان مهاڏو اٽڪائيندا، ڄامشوري ۾ ايس يو پيءَ جو سيد جلال محمود شاهه دستور موجب هار جيت کان بي نياز ٿي پ پ سان سينو ساهيندو، جڏهن ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي صورتحال جيتوڻيڪ اڃا غير واضح آهي پر امڪان اهي آهن ته ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايمي ڌڙن ۽ پي ايس پي کي گڏائي ڪو لساني اتحاد قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ڪجهه تڪ پ پ ، پي ٽي آءِ ۽ ڪجهه ايم ايم اي جي حصي ۾ به اچي سگهن ٿا، اي اين پي ۽ پشتين مومينٽ جا حامي به ووٽ کڻي سگهن ٿا، ڪنهن چونڊ اتحاد جي صورت ۾ هڪ ٻه سيٽون سندن هٿ به لڳي وڃن ته ڪا عجب جهڙي ڳالهه نه هوندي.

پ پ اليڪشن کٽي يا هارائي اها پڪ ناهي ته ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، ڇاڪاڻ ته اهو به ممڪن آهي ته جيڪو ٻهارو هن وقت ن ليگ تي ڦري رهيو آهي ساڳيو نگران حڪومتون اچڻ بعد پ پ تي به ڦرڻ شروع ٿي وڃي، ان صورت ۾ بند پيل ڪيس کولڻ سان گڏ نوان ريفرنس تيار ڪرڻ ۾ دير نه لڳندي پر ان ڳالهه جو دارومدار پ پ ۽ سگهارين ڌرين وچ ۾ مفاهمت تي هوندو، جيڪڏهن پ پ شاهه کان وڌيڪ شاهه جي وفادار جماعت ٿي ڏيکاريو ، نواز شريف ۽ سندس جماعت کي آئوٽ ڪرڻ ۾ ساٿ ڏنو ۽ سندن خلاف ڪنهن به ڪارروائي ۾ ساڳئي سپورٽ جاري رکي ته ممڪن آهي سنڌ حڪومت جو تاج هڪ ڀيرو ٻيهر ناقص ڪارڪردگيءَ باوجود پ پ جي سر تي سجي پر جيڪڏهن پ پ ۽ سگهارين ڌرين جا معاملا طئه نه ٿيا ته نه رڳو سنڌ مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪا ڄام صادق ۽ ارباب رحيم جهڙي سرڪار مڙهي ويندي پر پ پ خلاف به احتساب جا ڪات ڪهاڙا اڀا ٿي ويندا، اهڙي صورت ۾ سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل رئيس وڏي وٽ اهو ئي رستو بچندو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي سنهيءَ گهٽيءَ مان نڪري دبئيءَ پهچي ۽ ڪجهه وقت آرام ڪري يا وري نواز شريف جيان حالتن جومقابلو ڪري، پر پ پ هرگز سگهارين ڌرين سان معاملا خراب ڪرڻ نه گهرندي، ڇاڪاڻ ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان تڏا ويڙهه ٿيڻ بعد ان جو مڙهه مقام سنڌ وڃي بچيو آهي ۽ پ پ قيادت ڄاڻي ٿي ته موجوده پارٽي قيادت جي دور ۾ ڪارڪن به ساڳيا ڪارڪن ناهن رهيا، عوام ته پري جي ڳالهه پارٽيءَ جا  نظرياتي ڪارڪن به مايوس ۽ ناراض ٿي چڪا آهن، ۽ جيڪڏهن هڪ ڀيرو حڪومت پ پ جي هٿن مان نڪري وئي ته ممڪن آهي هميشه لاءِ اقتدار کي الوداع چوڻو پئجي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تبديلي واري سرڪار ۽ آپگهاتي فيصلا

علي محمد ميمڻ ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام سان ڀريل جهاز، تبديلي سرڪار جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے