17 ہفتہ , نومبر 2018

دبئي: ٽيسٽ چيمپيئن شپ کي دلچسپ بڻائڻ لاءِ نون قانون تي غور شروع

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کي دلچسپ بڻائڻ جي لاءِ نون قانون تي غور ويچار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڪميٽي جو اجلاس 28 کان 29 مئي تائين ڀارت جي شهر ممبئي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي لاءِ نئين پلئينگ ڪينڊيشنز تي غور ويچار ڪيو ويندو.عالمي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي شروعات ورلڊ ڪپ 2019 کانپوءِ ٿيندي جنهن ۾ 9 ٽيمون شرڪت ڪنديون جڏهن ته فائنل 2021 ۾ انگلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. چيمپيئن شپ جي دوران ٽاس نه ڪرائڻ واري تجوير کي بحث هيٺ آندو ويندو، ان حوالي سان قانون جوڙيا ويندا. ڊي اينڊ نائٽ ٽيسٽ ميچ جو فيصلو ميزبان بورڊ ڪندو جڏهن ته ميچ ۾ استعمال ٿيندڙ بال جي چونڊ مهمان ٽيم ڪندي. پچ کي خراب قرار ڏيڻ جي صورت ۾ مهمان ٽيم کي فاتح قرار ڏين جي تجويز شامل آهي.فائنل ڊرا ٿيڻ جي صورت ۾ ليگ ۾ ٽاپ ٽيم کي فاتح قرار ڏيڻ جي تجويز شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڪي عالمي ڪپ: پاڪستان رانديگرن کي ويزائون جاري، ڪوچ اوسيئڙي ۾

 لاهور ( اسپورٽس نيوز ) هلندڙ مهيني ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ هاڪي عالمي ڪپ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے