15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪستاني نوجوان کي چيڀاٽيندڙ ڪرنل جوزف کي سفارتي ڇوٽ حاصل هئي، آمريڪا ۾ ڪيس هلندو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان  کي گاڏي هيٺان چيڀاٽيندڙ آمريڪي سفارتڪار کي ڇوٽ حاصل هئي جيڪو واپس هليو ويو. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته آمريڪي سفارتڪار ڪرنل جوزف جي حوالي سان خون بها جي معاملي جي کيس ڄاڻ نه آهي. هن چيو ته 15 مئي تي آڱاري ڏهاڙي آزاد ڪشمير جي علائقي تتا پاني ۾ ڀارت بنا جواز فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پاڪستاني شهري شهيد ٿي ويو، گذريل ڏينهن ڀارت جي وقتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ايل او سي جي ڀڃڪڙي تي طلب ڪري احتجاج ڪيو ويو. هن چيو ته هلندڙ سال هن وقت تائين ڀارتي فوج 1000 کان وڌيڪ ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري جي ڀڃڪڙي ڪري چڪي آهي،  جنهن جي نتيجي ۾ 24 شهري شهيد ۽ 107 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. هن چيو ته ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ حريت قيادت کي غير قانوني طور قيد رکڻ جي مذمت ڪريون ٿا، حريت اڳواڻن 19 مئي تي سرينگر کان لال چوڪ طرف مارچ جي ڪال ڏني آهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت مان به والاريل ڪشمير جي حوالي سان آواز اٿي رهيا آهن، شوپيان ۾ گذريل مهيني 40 کان وڌيڪ شهادتون ٿيون، فيض احمد فيض جي نياڻي منيزه هاشمي کي ڀارت گهرائي هيسائڻ ۽ خطاب ڪرڻ نه ڏيڻ مذمت جوڳو عمل آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڀارت جي اندروني سياست ۾ فائدي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، ڀارتي ميڊيا پاڪستان جي حوالي سان غير معمولي طور فعال هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان اسرائيل هٿان فلسطينين جي قتل عام جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي، آمريڪي سفارتخانو تل ابيب منتقل ڪرڻ تي ترڪي او آءِ سي جو اجلاس طلب ڪيو آهي. جنهن ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغانستان، پاڪستان ۽ چين ۾ امن ۽ ٻڌي تي ڳالهيون ٿيون آهن، پاڪستان، ايران ۽ عالمي طاقتن جي ٺاهه جي حمايت ۽ ايران تي هڪ طرفي پابندين جي مخالفت ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته انڊونيشي صدر جي آڇ تي اسان جي عالمن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انڊونيشيا ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، آمريڪا ۾ نامزد پاڪستاني سفير  علي جهانگير صديقي جو ايگريمو اچي چڪو آهي، سندس وڃڻ جي پروگرام بابت ڪابه ڄاڻ ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪينڊين پرڏيهي وزير جو شاهه محمود سان رابطو، آسيا بي بي معاملي تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سندس ڪينيڊين هم منصب ٽيليفون ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے