22 جمعرات , نومبر 2018

شاديءَ بعد سونم ڪپور جي مڙس به پنهنجو نالو تبديل ڪري ڇڏيو

After marriage, Sonam Kapoor's husband also changed his nameممبئي(شوبزنيوز) بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور جي مڙس آنند آهوجا پڻ پنهنجي گهرواريءَ جيان شادي بعد پنهنجو نالو تبديل ڪري ڇڏيو. شادي بعد عورتون پنهنجي نالي جو آخري جئين عام طور تي(سرنيم) چيو ويندو آهي تبديل ڪري ڇڏينديون آهن ۽ عام طور شادي بعد عورتن کي سندن مڙس جي نالن سان سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته ڪجهه عورتون پنهنجو نالو تبديل ناهن ڪنديون. پر ائين ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ ناهي آيو ته ڪنهن مڙد شادي بعد پنهنجو نالي سان گڏ پنهنجي گهرواريءَ جو نالو جوڙيو هجي. ناممڪن نظر ايندڙ اها ڳالهه سونم ڪپور جي مڙس آنند آهوجا ممڪن بڻائي ڇڏي. شادي بعد فور طور تي سونم ڪپور ٻين عورتن جيان پنهنجو نالي سان گڏ مڙس جي نالي جو اضافو ڪيو هو ۽ سوشل ميڊيا جي سمورن اڪائونٽن تي هن پنهنجو نالو ” سونم ڪپور آهوجا“ ڪري ڇڏيو. سونم ڪپور سان گڏوگڏ آنند آهوجا پڻ پنهنجي گهرواريءَ  سان پيار جو ثبوت ڏيندي پنهنجو نالي ۾ ”ايس“ جو اضافو ڪيو، جنهن بعد ان جو نالو ”آنند سونم آهوجا“ ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپل شرما جي نئين شو جي پهرين مهمان جو نالو سامهون اچي ويو

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارت جي مزاحيا ڪپل شرما جو مزاح سان ڀرپور پروگرام جي نئين سيزن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے