16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز |اڳڙا: رپڙي ۾ آبادگارن جو پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

اڳڙا  ويجهو رپڙي ۾ آبادگارن پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج ڪيو .

نوراجا پل وٽ سوين آبادگارن آبپاشي عملي پاران پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو.

آبادگارن محرم علي پنهور، لعل بخش ناريجو  ۽ ٻين الزام هنيو ته داروغومحمد حسن ڊونڊڻ سندن حصي جو پاڻي بااثرن کي وڪرو ڪري رهيو آهي .

هنن ٻڌايو ته داروغو ٽوري شاخ، کاٽ ناريجو شاخ، پراڻي پل نوراجا شاخ جو پاڻي آبادگارن تائين پهچائڻ بدران علائقي جي بااثرن کان ڳري رشوت وٺي غيرقانوني لوليون، پائيپ ۽ ونجهيون هڻي منٿلي عيوض بااثرن کي ڏئي رهيو آهي .

هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے