15 جمعرات , نومبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ:  ميڊيڪل رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي جيل سپريٽينڊنٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري

Sindh High Court: The release of Shukqat notices to the Jail Superintendent for not providing a medical reportڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ۾ جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ جڙيل ٻه رڪني بينچ پاڪستان پوسٽ آفيس ورڪرس  سوسائٽي ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار حاجي محمد اسماعيل جي ميڊيڪل رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي جيل سپريٽينڊنٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان پوسٽ سوسائٽي ۾ بدعنواني بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .بدعنواني  جي الزام هيٺ گرفتار حاجي محمس اسماعيل جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش نه ڪئي وئي،رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت سينٽرل جيل ڪراچي جي  جيل سپريٽينڊنٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،ان موقعي تي محمد اسماعيل جي وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته سندس اصيل  ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا آهي سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي .وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته سندن اصيل جو  ڪو به بينڪ اڪاونٽ استعمال نه ڪيو ويو آهي .ان موقعي تي عدالت جوابدار جي وڪيل جي درخواست تي ميڊيڪل بورڊ جوڙ لاءِ رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گم ٿيل ماڻهن کي  بازياب نه ڪرايو ته پوليس آفيسرن کي جيل موڪلبو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته پوليس گم ٿيل ماڻهن کي بازياب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے