20 منگل , نومبر 2018

ڊي نائٽ ٽيسٽ ميچ کان انڪار، هرڀجن ڪرڪيٽ بورڊ مٿان ڏمرجي پيو

Harbhajan Singh slams BCCI’s decision to not play day-night Test cricket against Australiaنئي دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور آف اسپنر هربجن سنگهه ڊي اينڊ نائٽ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪرڻ تي پنهنجي بورڊ مٿان ڏمرجي پيو. هڪ تقريب ۾ شرڪت  ڪئي ان موقعي ته صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هربجن سنگهه چيو ته ڀارت جي نئين طرز جي ڪرڪيٽ لازمي طور تي کيڏڻ گهرجي، هن کي ڄاڻ آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ ڊي اينڊ نائٽ ٽيسٽ ڇو نٿو کيڏڻ چاهي ۽ بورڊ کي ڪهڙو خوف آهي. هربجن سنگهه چيو ته گلابي بال سان کيڏڻ ايترو مشڪل ناهي جيترو ظاهري طور تي نظر ايندو آهي، هي هڪ دلچسپ فارميٽ آهي ۽ اسان کي پڻ لازمي طور ڊي اينڊ نائٽ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ گهرجي. ڀارتي آف اسپنر جو اهڙو بيان ان وقت تي سامهون آيو آهي ته جڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظاميا ڪميٽي جي چيف ويندود راءِ ڪرڪيٽ بورڊ کي ڊي اينڊ نائٽ ٽيسٽ ميچ نه کيڏڻ واري فيصلي جي کليل نموني حمايت ڪئي آهي. ويندود راءِ چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت سريز کٽڻ لاءِ گلابي بال سان نٿو کيڏڻ چاهي ته ان ۾ ڪابه غلط ڳالهه ناهي،هر ٽيم ميدان تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ايندي آهي.جڏهن ته 30 ورهيه اڳ ڀارت ٽيسٽ ميچ ڊرا ڪرڻ لاءِ کيڏندو هو پر اڄ اسان ڪاميابي لاءِ ميدان تي لهندا آهيون. هربجن سنگهه چيو آهي ته ڀارت ۽ آسٽريليا وٽ ڊي اينڊ نائٽ ٽيسٽ ۾ برابري جا موقعا آهن ۽ اسانکي چيلنچ طور وٺڻ گهرجي ڀارتي اسپنر وڌيڪ چيو ته اسان وٽ فاسٽ بالر آهن جيڪي آسٽريليا جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ ڇا اسان جا بيٽسمين آسٽريلوي بالرن جو مقابلو نٿا ڪري سگهن. هربجن سنگهه چيوآهي ته آسٽريليا جي خلاف ڊي اينڊ نائٽ ٽيسٽ اسان جي لاءِ چيلنچ آهي ۽ چيلنج جو مقابلو ڪرڻ ۾ ڇا جو خطرو، جيڪڏهن انگلينڊ جي خلاف ڪارن بادلن جي موجودگي ۾ کليل نموني چيلنج قبول ڪري سگهجي ٿو ته ڪنگروز جي خلاف گلابي بال سان ٽيسٽ کيڏڻ ۾ وارو چيلنج ڇو نٿو قبول ڪري سگهجي.ياد رهي ته ڀارت هلندڙ سال نومبر کان شروع ٿيندڙ آسٽريليا جي دوري دوران 4 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽيسٽ سريز جو پهريون ميچ ڊي اينڊ نائٽ هو جنهن کي ڀارت جي انڪار بعد ڊي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shafiq chalks up 4,000 runs as Pakistan eyes victory

اسد شفيق جون ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ چار هزار رنسون مڪمل

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽسمين اسد شفيق ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 4 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے