17 ہفتہ , نومبر 2018

اتر ڪوريا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ”ليبيا ماڊل“ تي عمل نه ڪيو ويندو:ٽرمپ

The "Libia Model" will not be processed for North Korea to erase nuclear weapons: Trumpet

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ئي سلامتي واري  صلاحڪار جي بيان ترديد ڪندي چيو آهي ته اتر ڪوريا کي ايٽمي هٿيارين کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ”ليبيا ماڊل“  تي عمل نه ڪيو ويندو. اهڙي تجويز جان بولٽن ڏني جنهن تي اتر ڪوريا ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ مهيني صدر ٽرمپ جي ڪم جونگ سان ٿيندڙ ملاقات رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. ان حوالي سان صدر ٽرمپ چيو ته اها ملاقات پنهنجي مقرر وقت تي ٿيندي. 2003 ۾ ليبيا جي صدر معمر قذافي پابنديون هٽائڻ جي بدلي ۾ ايٽمي هٿيارين جو پروگرام ترڪ ڪري ڇڏيو هو.جنهن بعد کيس  اوڀر جي پٺڀرائي ۾ وڙهندڙ باغين قتل ڪري ڇڏيو هو. شايد ان ئي موازني سبب اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ٽرمپ مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. پيونگ يانگ اربع ته هوشيار ڪيو ته ٿي سگهي ٿو ته 12 جون ي سنگاپور ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ شريڪ نه ٿئي.صدر ٽرمپ بولٽن جي موجودگي ۾ چيو ته اسان اتر ڪوريا تي ”ليبيا ماڊل“  لڳو ڪرڻ بابت ناهيو سوچي رهيا.هن چيو ته جيڪڏهن ڏکڻ ڪوريا کي ڏسون ته اهو صنعت جي معاملي ۾ ڏکڻ ڪوريائي ماڊل هوندو. صدر ٽرمپ چيو ته ان نئين ماڊل ۾ ڪم جونگ ان کي ئي اتر ڪوريا جو سربراهه طور ڏسي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

18-year boy abducted, killed in Pulwama

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران نوجوان کي اغوا کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو

سرينگر (ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ 18 ورهين جي نوجوان کي سادا ڪپڙا پهريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے